ٽهڪن ۾ ٽانڊا … خبرن تي تبرو ۽ معصوم آمنه ڪنڊاڻي جي درد ڪٿا!

                 منهنجي پياري اخبار، پنو مهانگو ٿيڻ ۽ ٻين مالياتي سببن جي ڪري اٺن صفحن مان گھٽجي ائين ننڍي ٿي ڇهن صفحن جي ٿي ويئي، ڄڻ ڪنهن درزي قميص کي ننڍو ڪري صدري ٺاهي ڇڏي هجي. بھرحال گذريل مهيني جي اخبار جو بل آيو. مون وٽ پئسا ڪونه هئا ايري 8 جون ساريون هيون. ھاڪر کي ليکو ڏنم ته باسمتي ساريون آهن. کيس 10 ڪلو ساريون ڏنم، بازار ۾ سارين جو اگھ گھٽ هئڻ ڪري کيس 600 روپيا مليا. ڪاوڙ ۾ هن اخبار ڏيڻ بند ڪري ڇڏي. مونکي روز صبح جو اخبار پڙهڻ جي اهڙي عادت پئجي ويئي، جھڙي ناني جنا کي حقي ڇڪڻ جي عادت هئي. مجبور ٿي مون ڪٻٽ مان پراڻيون اخبارون ڪڍيون ته کٽ اخبارن سان ڀرجي ويئي. مون پٽ تي ويهي اخبارن جو مطالعو شروع ڪيو. 6 آڪٽوبر جي اخبار ۾ خبر هئي ته موري ويجھو قومي شاهراه تي نامعلوم گاڏي نامعلوم شخص کي چيڀاٽي ڇڏيو. (انڪري پوليس جي وڌيڪ جانچ ڪرڻ کان جان ڇُٽي ويئي.) 20 آڪٽوبر جي اخبار ۾ لاڙڪاڻي جي خبر هئي ته تگاري کڻندڙ پورهيت ڌيءَ جي ڏاج لاءِ پريشان. اصل تغاري کي تگاري لکيو ويو آهي، هاءِ ڙي هاءِ!  آڪٽوبر جي اخبار ۾ ڪراجي جي نمائندي جي خبر آهي ته کدڙي فقير ڊاڪٽر ساره گل کي رجسٽريشن نه ملي. مون چيو هل ڙي کدڙا فقير به ڊاڪٽر ٿي ويا. اسان سڄي عمر مزدوري ۾ وڃائي ڇڏي. 7 آڪٽوبر جي خبر آهي ته ملائيشيا وارن پاڪستان کان 20 ڪروڙن جي حلال گوشت خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مون ملائيشيا وارن کي فون ڪري چيو ته اهو گوشت چيڪ ڪجو، جيئرن جانورن جو هجي ۽ صحيح هجي ته کائجو. مُئل جانورن جو هجي ته پوءِ ڳجھن کي ڏيئي ڇڏجو. 18 آڪٽوبر جي اخبار ۾ خبر ڇپي آهي ته ميرپور بٺوري جي ڳوٽ جمعون ڪلاتري ۽ رستم جي ڳوٺن سنجر جتوئي، جهنڊو جتوئي ۽ پياري جتوئي وارن پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. سندن مطالبا هئا روڊ ٺهرائڻ، صاف پاڻي مهيا ڪرڻ، اسڪول ۾ استادن جي ڊيوٽي ڪرڻ، اهي مطالبا پورا نه ٿيا ته ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا ڪونه پيارينداسين. افسوس جو مفت ۾ هڪ مهلڪ مرض کان بچڻ لاءِ انڪار ائين آهي، جيئن ڪنهن مهمان کي ٻاڪرو گوشت ڏجي ۽ اهو مطالبو ڪري ته جيستائين مونکي ماهو کير ۽ ڳائو مکڻ نه ملندو، تيستائين ماني ڪونه کائيندس. 8 نومبر جي اخبار ۾ خبر لڳي آهي ته پئرس جي همراه سوئيمنگ پول لاءِ باغ ۾ کوٽائي ڪئي ته هن کي 8 لک ڊالرن جو سون ۽ سڪا ملي ويا. اهو ڏسي مون به وڃي چاچي نور محمد جي باغ ۾ سوئيمنگ پول لاءِ کوٽائي ڪئي پر مونکي سڪا ته ڪونه مليا، رڳو ديوين ۽ کٻڙن جون پاڙون مليون. آئون ڦِٿل ٽماٽي جھڙو منهن کڻي واپس گھر آيس. 14 نومبر جي اخبار ۾ خبر لڳي آهي ته پوليس جو ڪمال هڪ سال جي ٻارڙي ته به ايف آءِ آر ڪٽي ڇڏي، جيڪو ٻارڙو نه هلي سگھي ٿو. نه ڳالهائي سگھي ٿو. اهو وڏو مجرم ٿي ويو آهي. پوليس کي اڃا وڌيڪ پاور مليا ته اها ماءُ جي پيٽ ۾ پيل ستن اٺن مهينن جي ٻار تي به ايف آئي آر داخل ڪري سگھندي. 17 نومبر جي اخبار ۾ ڀارت جي گجرات شهر جي مائي سميرا کي جن بي قابو ڪري جنسي زيادتي ڪندو رهي ٿو، پوليس مائي سميرا جي فرياد تي جن خلاف ايف آئي آر ڪٽي ڇڏي، پر پوليس کي جن ڪٿان ٿو هٿ اچي؟

18 نومبر جي اخبار ۾ خبر لڳي ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن واري اسپتال جو زبردست ڪارنامو، انهن 65 لکن جي مشين جي جاءِ تي 3 لکن واري الٽراسائونڊ مشين گھرائي ۽ 62 لک روپيا هڙپ ڪري ويا. اها خبر مون وڃي اسانجي ضلعي اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ سان ڪئي ۽ کيس مشورو ڏنم ته توهان وڏي ايمبولنس لاءِ مٿي 50 لکن جو مطالبو ڪريو. اهي پئسا اچي وڃن ته توهان انهيءَ مان 5 هزار روپين ۾ ٽن ڦيٿن واري سائيڪل گھرايو. اُن تي اڳيان پٺيان لکرايو ته ضلعي اسپتال جي ايمبولنس 24 ڪلاڪ خدمت لاءِ حاضر آهي. اهو ٻڌي وڏو ڊاڪٽر ڏاڍو خوش ٿيو. خوشي ۾ سندس وات مان گِگون ائين وهڻ لڳيون، جھڙو ڪُولر ليڪ ٿي ويو هجي. چيائين: “عاليشان مشورو ڏيڻ لاءِ توهانجي مهرباني.” چيومانس: “خالي مهرباني نه کپي، توکي لکين روپين جو فائدو ٿيندو، مونکي ڪجھ خرچي ڪراءِ!” هن اشراف پنهنجي کيسي مان ٻٽون ڪڍي مونکي ڏهه هزار ڪڍي ڏنا. پئسا وٺي آئون اهڙو خوش ٿيس، جھڙو سياري ۾ وهنجڻ لاءِ مونکي گرم پاڻي ملي ويو هجي. انهن پئسن مان مون گھر جو سيڌو سامان، ڪڪڙ جو گوشت، ڀاڄيون ۽ ميوا ورتا. سڄي چنگچي ڀرائي گھر آيس ته طوطن ماءُ خوش ٿي.

پوءِ وري مون وجي کٽ تي پيل اخبارن جو مطالعو ڪيو. 11 نومبر جي اخبار ۾ هڪ دردناڪ خبر پڙهي منهنجو هانءِ ڏري پيو ۽ اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا. خبر هئي ته ضلعي ميرپورخاس لڳ جھلوري ۾ اٺن سالن جي معصوم آمنه کي اغوا ڪري ساڻس ڪيئي دفعا زيادتي ڪئي ويئي. کيس ماني جو گرهه به ڪونه ڏنو ويو، معدو صفا خالي هئس، کيس پلاسٽڪ جي پائيپ سان گھُٽو ڏيئي ماريو ويو. سندس وات کليل ۽ زبان ٻاهر نڪتل هئي ۽ اکيون سُڄيل هيون. مون ڇپيل تصوير ۾ ڏٺو ته معصوم نياڻي سيپارو پڙهي رهي آهي. مونکي اهو پڙهي ايترو ڏک ٿيو جھڙو اهو ظلم منهنجي معصوم نياڻيءَ سان ٿيو هجي. وري 18 نومبر جي اخبار ۾ خبر آئي ته اهو وحشي انسان زاهد خاصخيلي هو، جنهن کي پوليس پڪڙي ورتو هو. هن بي شرم انسان عدالت ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪيو. هاڻي معاملو پوليس آفيسرن ۽ انصاف جي ادارن جي صاحبن وٽ آهي. منهنجي درد ڀري دل ان واقعي تي الاهي رُني آهي. آئون سرڪار سڳوري کي رڳو اهو عرض ٿو ڪريان ته انصاف، انصاف ۽ انصاف ڪريو. هن وحشي انسان کي شديد جسماني درد جو مزو چکائي پوءِ کيس سرعام ڦاسي ڏني وڃي ته منهنجي اندر ۾ ٻرندڙ انهيءَ درد جي باهه وسامي سگھندي. ڪاش ائين ئي ٿئي جيئن منهنجي دل ٿي چوي. مونکي وري به آمنه ڪنداڻي جي مظلوميت تي هڪ لوڪ گيت ياد اچي ويو:

ڇو ٿي ڄَڻيئي اهڙيون ڌيئر امان،

هتي ڌِيئرون وَحشين جي وَر چڙهن ٿيون امان.