ٽهڪن ۾ ٽانڊا … ريوڙيون ۽ مساڳ ننڍپڻ آ …. ڊاڪٽر عزيز ٽالپر

                 سنڌي ادبي سنگت شاخ قاسم آباد جي دوستوري گڏجاڻيءَ ۾ اوچتو هڪ نوجوان شاعر اچي شريڪ ٿيو. واري اچڻ تي چاچا عاشق انجو نالو ٻڌايو “وحيد ڳاهو”، تنهن اهڙو ته زبر غزل ٻڌايو جو سڀني واهه واهه ڪئي. غزل ۾ بحر وزن، قافيه ۽ رديف زبردست هئا. خيال ۽ پيغام به عاليشان هو.  هن مون کي سندس نئون ڇپيل ڪتاب “خماريل خواب” به اعزازي ڪاپي طور تحفي ۾ ڏنو. ان جي بدلي ۾  مون کيس ٻن روپين واري ٽافي تحفي ۾ ڏني. ٻي آچر تي هو وري گلشير ڪوريجي سان گڏجي آيو. گلشير جو قد اسان سڀني کان فٽ کن وڏو هو. مون ڄاڙيءَ تي هٿ ڏئي منهن مٿي ڪري کيس ڏٺو. سندس چهري تي مرڪ هئي. هنن ايندڙ آچر تي ساس حيدرآباد طرفان ڊاڪٽر نبي بخش هال ۾ سندس ڪتاب “خماريل خواب” جي ڏينهن جو 11 وڳي مهورتي تقريب ۾ اچڻ جي دعوت ڏني. نيٺ آچر اچي ويو. مون کي خبر هئي ته سنڌي ماڻهو جيڪو ٽائيم ڏيندا آهن، پروگرام ان ٽائيم کان ڪلاڪ ٻن کان پوءِ شروع ٿيندو آهي. سو آئون به گهران 12 وڳي نڪتس. ٻاهر اهڙي گرمي هئي جهڙو سج هيٺ لهي آيو هجي. مون کي ذري گهٽ هيٺ اسٿروڪ ٿيڻ وارو هو. سو  ٽرڙي ڪڪڙ وانگر کنڀڙا بدن کي ويڙهي هڪ وڻ جي هيٺان ويهي رهيس. سوچيم ايڏي گرمي ۾ ويندس ته گرمي جي ڪري گس ۾ ئي گذاري ويندس. پوءِ ايڌي ۽ ڇيپا وارا مونکي نامعلوم لاش قرار ڏيئي دفن ڪري ڇڏيندا. پوءِ فيصلو ڪيم ته واڌو واهه واري پاڻي ۾ تري آئون وڃي هال کي ويجهو ٿيا. ان تي عمل ڪيم ۽ واڌو واهه ۾ ٽپو ڏئي ترڻ لڳس. هال کي ويجهو ٿي واهه مان ٻاهر نڪتس. واهه ۾ سڄي قاسم آباد جو گند ڀريل هو. سو مون ۾ اهڙي ڌپ ٿي وئي جهڙو پنجاهه قسم جي پکين مون مٿان وٺون لاٿيون هجن. پوءِ هڪ نلڪي هيٺان اڌ ڪلاڪ کن وهنتس ۽ هڪ دڪان تان 1200 روپين جي پرفيوم جي شيشي وٺي سڄي ڪپڙن تي لڳايم ته ڌپ گهٽ ٿئي. پوءِ وڃي هال ۾ پهتس. هال ۾ گهٽ ماڻهو ڏسي ڏک ٿيم.  ڳڻيم 40 کن هئا، تيسين گلشير رجسٽر کڻي آيو، ان ۾ منهنجو نمبر 60 هو.  گلشير کان پڇيم باقي 20 ماڻهو ڪيڏانهن ويا؟ چيائين انهن کي سندن بيگمن  ضروري ڪمن لاءِ فونون ڪيون، سي آهستي آهستي کسڪي ويا. مون ڏٺو ته گلشير سڄي هال ۾ رضاڪار ٿيو پئي هليو. مون اخبار ۾ پڙهيو هو ۽ ٽي وي ۾ به ڏٺو هو ته گلگت- بلتستان ۽ سوات ۾ گليشيئر ڳرندا به آهن ۽ ڪرندا به آهن، پر اسان جي سماج ۾ هن گليشيئر ڪوريجو جو ڳاٽ سدائين اوچو هوندو هو، نه ڳريو ٿي، نه ڪريو ٿي. چهري تي امر مرڪ، هر علمي ادبي پروگرام حاضر ناظر ۽ رضاڪار! پروگرام جو ڪمپيئر تاج جويو صاحب هو. آئون وحيد ڳاهي تي ڳالهائڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪري آيو هئس. مون گلشير کي چيو ته تاج جويي کي ٻڌائي ته، “طوطن پيءُ به تتر بتر ڪندو.” تاج صاحب جواب ڏنو ته، “طوطن پيءُ دير سان آيو آهي، هاڻي اسٽيج تي ويٺل اديب ڳالهائيندا، انڪري طوطن پيءُ کي تقرير ڪونه ٿا ڪرائي سگهون.” اهو ٻڌي مون کي اهڙو ڏک ٿيو جهڙو منهنجي  محبوبه جي ٻئي هنڌ شادي ٿي وئي هجي. مون ڏک ۾ سگريٽ پيئڻ جي گلشير کان موڪل ورتي، ان چيو ته، “پوئين گيٽ وٽ وڃي پيءُ.”  اتي مون وڃي سگريٽ جا ڪش هنيا. پر منهنجي اکين مان ڳوڙها ايئن پيا وهن جهڙو سِم نالي اٿلي پئي هجي. هيٺ ڏٺم ته هال جي فرش تي گپ ٿي وئي هئي. سوچيم صبح جو جڏهن سوئيپر هال صاف ڪرڻ ايندو ته مونکي 360 ڳالهيون ڏيندو. سو پوئين گيٽ مان نڪري آئون واڌو ۾ تري، واپس اچي گهر پهتس. طوطن ماءُ  کي مون مان اهڙي ڌپ آئي جو چيائين: “مُئا! اڄ تو مان اهڙي ڌپ پئي اچي، جهڙو ڏهه ڏينهن جو پراڻو جنازو هجين.” چيومانس آئون اڄ پنهنجو جنازو واڌو واهه مان تاري آيو آهيان، تڏهن ان ۾ ڌپ آهي. پوءِ آئون باٿ روم  ۾  ويس، بدن کي ست دفعا صابڻ هڻي سڄي صابڻ جي چڪي ختم ڪري، صاف ڪپرا پائي ماڻهن جهڙو ماڻهو ٿيس. پوءِ ماني کائي سمهي رهيس. ننڊ مونکي ايئن وڪوڙي وئي جهڙو بي پاڙي، وڻ کي وڪوڙي ويندي آهي. اوچتو ٻاهر گهٽي ۾ لائوڊ تان اعلان ٻڌم ته، “نوجوان شاعر وحيد ڳاهو جي مهورت وارو پروگرام ڏينهن وارو ڪامياب ڪونه ٿيو، انڪري اڄ شام جو ستين وڳي وري نئين سر پروگرام ٿي رهيو آهي. توهان سڀني کي دعوت آهي ته اچي شامل ٿيو.” اهو ٻڌي آئون خوش ٿيس ۽ شام جي ٿڌڪار ۾ وڃي پروگرام ۾ شامل ٿيس.

هن پروگرام جي ڪمپيئرنگ آغا ظفر پئي ڪئي. مون گلشير کي چيو ته کيس نياپو ڏي ته مون کان تقرير ڪرائي. ڪجهه مقررن کان پوءِ هن مون کي وڏي شان مان سان تقرير لاءِ اسٽيج تي سڏايو. اهو ٻڌي مون کي خوشي ٿي. منهنجي هٿ ۾ “خماريل خواب” ڪتاب هو. مون تقرير شروع ڪئي:

“سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.”

انهيءَ شعر تي جام تاڙيون وڳيون. پوءِ چيم ته اسٽيج تي ويٺل وڏا ناليوارا فرسٽ ڪلاس اديب، شاعر ۽ هيٺ ويٺل مون جهڙا سيڪنڊ ڪلاس، ٿرڊ ڪلاس ۽ مولائي اديب، سڀني کي سلام، جيئي سنڌ، حق موجود، يا علي مدد، نمستي ۽ رام رام.” منهنجي انهيءَ جواب تي شيعا. سُني، ۽ هندو مسلم ڀائر سڀ خوش ٿيا. پوءِ سڀني کي ڪتاب ڏيکاريندي چيم ته هن جي ٽائيٽل تي خماريل خواب لکيل آهي، جيڪو اصل ۾ وحيد ڳاهي جو آهي پر ان ۾ ڦوٽو  وري هڪ خوبصورت مائيءَ جي اکين جو آهي. اڄوڪي محفل ۾ مور ڳهيد واهو آهي، اهيو ٻڌي سامعين حيران ٿي ويا، وري چيم يار غلطي ٿي وئي، محفل جو مور وحِيد ڳاهو آهي. پوءِ مون ڊائيس تي بيهي تاڙيون وڄايون ته هال مان به زوردار تاڙيون وڄڻ لڳيون. بئڪ ٽائيٽل تي وري ادريس جتوئي سندس شان ۾ اهڙيون ته عاليشان سِٽون لکيون آهن، جو ڇا ٻڌايان! جهڙو هي همراهه آسمان تان هاڻي هيٺ لهي آيو آهي. مٿان سندس اهڙو ته سهڻو ۽ عاليشان فوٽو ڇاپيل آهي جو اداڪار نديم ۽ وحيد مراد به گهر هلن.

پوءِ مون چيو ته اهڙو ڀلوڙ نوجوان شاعر مون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو ۽ ٻڌو. سندس شاعري ۾ ڪوبه عيب ڪونهي، پر پيغام زبردست آهن. مون سامعين کي سندس ڪجهه شعر پڙهي ٻڌايا:

سرنهن ڦولار، ساڳ ننڍپڻ آ،

ريوڙيون ۽ مُساڳ ننڍپڻ آ.

ماٺ ۾ مونکي ڏسڻ آئي هئي،

رات جو هوءَ ڇا ڪرڻ آئي هئي؟

سامعين کي چيم ته ان کي غلط نه سمجهجو، ٿي سگهي ٿو ته محبوبا رات جو عبادت لاءِ آئي هجي. وري ٻيو شعر پڙهيم:

سر سهائي  منزلن کي مات ڏي،

ڀاڳ ۽ تقدير کان ڇا ٿو پڇين،

پير کڻ جاڏي به کڻ اولهه هجي يا اوڀر کڻي،

انقلابي سوچ جو دريا وهائي هل کڻي،

سنڌ سڪرات مان پئي گذري،

ٽهڪ ڏئي کلان ته ڪيئن آخر،

ڏاڙهون وٺيو ٿو ٻار پنهنجي لاءِ وڃين

مسڪين لاءِ گدرو نه ڇانهين، ائين نه ڪر،

هڪ ٻئي سان لڳ لاڳاپا ائين اٿن،

ڄڻ ته واڏاڻ واڻ سان شادي ڪئي آ.

وحيد ڳاهي جي زبردست شاعري جڏهن مون هال وارن کي ٻڌائي ته چؤطرف واهه واهه ٿي وئي ۽ تاڙين جا ڪڙڪاٽ ٿي ويا. آئون خوشيءَ ۾ ٽڙيو پيو ٽڙان ته اوچتو مونکي طوطن اٿاريو، چيائين: “بابا، قلفي وارو آيو آهي، 20 روپيا ڏي.” چيومانس، “نڀاڳا، تو ته منهنجو عاليشان خواب خراب ڪري ڇڏيو.” هو  روئڻ لڳو, کيس 20 روپيا ڏئي جند ڇڏايم. اصل ۾ اهو سڄو پويون پروگرام منهنجو خواب هو. سامهون ٽيبل تي وحيد ڳاهي جو ڪتاب “خماريل خواب” پيو هو، مون ان کي کڻي چميون ڏنيون، پوءِ قلم ڪاغذ کڻي هي ڪالم لکڻ لڳس. سندس غزل جا هي ٻه بند مون کي ڏاڍا وڻيا هئا. اهي اوهان پيارن پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريان ٿو:

مڙس روزي ڪري اجهو آيو،

ٻار ۽ زال آسري ۾ هئا.

چلهه تي ماءُ ديڳڙي چاڙهي،

ماءُ جا لال آسري ۾ هئا.