ٽهڪن ۾ ٽانڊا … طوطن پيءَ جو خبرن تي طوطاڻي تبصرو ….ڊاڪٽر عزيز ٽالپر

                 * 20 نومبر جي اخبار جي 6 صفحي ته خبر ڇپي هئي ته سنگرار ۾ اخبار جي رپورٽر جي ناني گذاري ويئي. خبر پڙهي ڏک ۾ منهنجا ڳوڙها ائين وهڻ لڳا جهڙو واٽر ڪولر ليڪ ٿي ويو هجي. ٻيو ڏک اهو به ٿيو ته منهنجي ناني جنا، ڏاڏي زينو، پڦي نازو ۽ چاچي ڪريمان گذاري ويون ته ڪنهن به اخبار ها خبر ڪا نه ڇپي. سوچيم ڪاش آئون به ڪنهن اخبار جو نمائندو هجان ها ته ناني، ڏاڏي، پڦي ۽ چاچيء جي انتقال جي خبر ته ڇپجي ها. پر منهنجي گرل فرينڊ جي انتقال جي خبر به وڏي ٺاهه ٺوهه سان ڇپجي ها.

                 * 25 نومبر جي اخبار ۾ خبر ڇپي آهي ته ٺارو شاه جي ڀرسان ڳوٺ سعيد خان لنڊ ۾ پيرسن سهراب لنڊ وڻ کي ڇانگيندي هيٺ ڪري فوت ٿي ويو. مون سوچيو ته وڻ به زنده مخلوق آهن. انهن کي ڪهاڙيون هڻي سندس ٽاريون وڍيندڙ سهراب لنڊ کي به وڻ هيٺ ڪيرائي، فوت ڪري پنهنجو انتقام ورتو.

                 * 7 ڊسمبر جي اخبار ۾ خبر لڳي آهي ته ميراڊو ۾ هڪ ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ عورت کي 7:30 جي بجاءِ اڳي اچڻ جي ڪري نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آهي. عدالت سڳوري به مائيءَ جي خلاف فتوا ڏني. مون سوچيو ڪاش اها مائي منهنجي آفيس ۾ وقت کان اڳي اچي ها ته آئون سندس فرض شناسي تي خوش ئي کيس چانهه بسڪيٽ کارايان ها. تيسين 7:30 ٿي وڃن ها.

* 10 ڊسمبر جي اخبار ۾ خبر ڇپي آهي ته يورپ ۾ مردن جي کوٽ. عورتون ڪرائي جا مرد ڳولڻ لڳيون ۽ پوڙهين عورتن جو انگ مردن کان ٻيڻو، مون سوچيو ته سنڌ ۾ وري قصو ئي ابتو اهي. ھتي علڻ، گلڻ، ولڻ، جانو، خانو، ڌانو، يارو، ميرو، شيرو، نورو سڀ واندا ويٺا آهن.

* 14 آڪٽوبر جي اخبار ۾ خبر ڇپي آهي ته روهڙي ۾ 45 جوڙن جي اجتماعي شادي. هر جوڙي کي ڏاج ۾ ٿانء، ٻسترا، ڪپڙا، پکا، قالين، ۽ روڪ رقم به ڏني ويئي مون سوچيو ڪاش انهن ۾ 46 آئون به هجان ها ته منهنجي لئي ٿي وڃي ها پر ڪنهن شاعر چيو آهي ته، قسمت ڪئي جدائي ڪنهن تي ميار ناهي.

* 17 ڊسمبر جي اخبار ۾ خبر لڳي آهي ته جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد ۾ بهار لاڙي وٽ ڪڪڙن جي ميل ۾ هڪڙي ڌر ٻي ڌر کي چيو ته تنهنجو ڪڪڙ ڪاڻو آهي. انهيء تان ٻنهي ڌرين جتوئي ۽ گذراڻي برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو. لٺين ۽ ڪهاڙين جو وسڪارو 13 ڄڻا رتورت، آئون اهو پڙهي حيران ٿي ويس ته هل ڙي! اسانجو سماج ۽ سهپ …… ڪڪڙ کي فقط ڪاڻو چوڻ سان 13 ماڻهو رتورت ٿي ويا. جي ڪڪڙ کي کدڙو چون ها ته 26 ماڻهو رتورت ٿي وڃن ها.

* 21 ڊسمبر جي اخبار ۾ خبر ڇپي آهي ته لاڙڪاڻي جي رحمان پور ٿاڻي جي حد نظر محلا ۾ گهرو اڻبڻت تان زال پنهنجي مڙس تي ڪهاڙين جا وار ڪري کيس رتورت ڪري ڇڏيو. مون چيو سلام آهي انهيء مائيءَ کي، جنهن هزارين عورتن جو مڙس کان پلاند ورتو آهي. (مون اھا ڳالھ مسخري۾ ڪئي آھي، آئون ڪنھن جي به قتل جي حق ۾ ناھيان)

* 28 ڊسمبر جي اخبار ۾ هڪ دردناڪ خبر ڇپي هئي. نوشهرو فيروز جي خبر هئي ته هڪ ٻار بشارت شاھ زيتون پٽيو هو. انکي گهران سڏي ٻاهر ڪڍي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيو ويو. آئون حيران آهيان ته زيتون جي قيمت 5 رپيا 10 رپيا 20 رپيا، ڪي ڪروڙ ته ڪانه هئي. ان لاءِ بشارت شاه کي گهران سڏي ڪهاڙيون هڻي ڇو قتل ڪيو ويو؟ افسوس جو اسانجو سنڌي سماج ايترو بي رحم ۽ ٿرڊ ڪلاس ڇو ٿي ويو آهي