ٽهڪن ۾ ٽانڊا … پر هڪ ئي ڳالهه خراب هئي۔۔۔

                 ڪنهن پنجابي ماڻهوءَ ۾ ڪيئن خوبيون هجن ۽ ڪا هڪ خرابي هجي ته پنجابي ماڻهو ان لاءِ چوندا آهن: اڪوئي گل خراب هي. سنڌي ۾ وري چوندا آهن تہ هڪ ئي ڳالهه خراب آهي…. مون اخبار ۾ پڙهيو ته سنڌ ۾ ڊينگي ۽ مليريا پکڙجي ويئي آهي. روز ماڻهو مرن پيا. سوچيم ته آئون مڇردرانيءَ ۾ سمهان پر هڪ ئي ڳالهه خراب هئي، جو نه گھر ۾ مڇرداني هئي، نه مڇرداني وٺڻ جيترا پئسا هئا. وري سوچيم ته ٿالهه تي چڻا رکي وڪڻان ۽ گهر جو سيڌو سامان وٺان پر هڪ ئي ڳالهه خراب هئي، جو گهر ۾ وڏو ٿالهه هئو ئي ڪونه. وري اخبار ۾ هڪ مشهوري آئي ته هڪ سٺي ساک رکندڙ ڪمپنيءَ کي حيدرآباد ۾ سيڪيورٽي گارڊ کپن. انهن کي سٺو پگھار، رهائش ۽ ٽي ويلا ماني به ڏني ويندي. اھا نوڪري وٺڻ لاءِ طوطن ماءُ مونکي ڪپڙا استري ڪري ڏنا، مون بوٽ پالش ڪرايو، ڏاڙهي ڪوڙي، وارن کي ڪيس هنيو ۽ نوڪري وٺڻ لاءِ وڃي پهتس پر هڪ ئي ڳالهه خراب هئي جو اهي نوڪريون فقط رٽائرڊ فوجي ماڻهن لاءِ هُيون. آئون ڀڳل ڪوپ جهڙو بڇڙو منهن ٺاهي اچي گھر پهتس. وري خبر پئي ته جنگبندي جي اعلان کانپوءِ به اسرائيل غزه تي حملا پيو ڪري. روز سوين فلسطيني ۽ سندن ٻار مرن پيا. الشفاءِ اسپتال تي به حملا پيا ٿين. بک مرندڙ ٻارڙن لاءِ ملندڙ امداد تي به اسرائيلي رڪاوٽون پيا وجهن. اهو ٻڌي مونکي ڪاوڙ ۽ غيرت جا گُند چڙهي ويا. مون ٽنڊي سائينداد جي پڙيءَ ۾ هڪ ڇيلي وڪڻي پئسا شلوار جي کيسي ۾ قابو ڪيا ۽ پاڙا ڀري نيٺ ڪشمور جي ڪچي ۾ وڃي. اتان ڌاڙيلن کان هٿيار خريد ڪيم. ڪجهه پئسا روڪ ڏنم ۽ ڪجهه اوڌر رکرايم. هٿيار نقلي ڏنائون، جيڪي منهنجي هٿن ۾ ئي ڦاٽي پيا. ڇيلي قلبان … منهنجي زندگي بچي وئي. هڪڙي چٽي ڇيليءَ ڀري ۽ ٻي منهنجي شلوار.

مونکي طوطن ۽ طوطن ماءُ ياد ٻئي آيا. آئون پنهنجي ڳوٺ  وڃڻ لاءِ تيار ٿيس پر اتي به هڪ ئي ڳالهه خراب هئي جو مون وٽ  ڀاڙو ڪونه هو، پوءِ ڌاڙيلن پاڻ ۾ چندو ڪري مونکي ٻه هزار ڏنا. منهنجو عظيم الشان مٺصوبو فيل ٿي ويو، آئون کجي جي سُڪل ۽ لڙڪيل ٽاري جهڙو منهن کڻي گھر آيس ته طوطن ماءُ مونتي خطرناڪ حملا شروع ڪري ڏنا، اتي به هڪ ئي ڳالهه خراب هئي جو مون وٽ سيڌي سامان جا پئسا ڪونه هئا. پوءِ مون ٽامي جي هڪ چمڪندڙ منڊي سون جي ڪري سيٺ صوفن سودائي وٽ گروي  رکي، ۽ سيڌو سامان وٺي آيس ته خوشي ۾ طوطن ماءُ خوش ٿيڻ لڳي.

ٻهرحال اسانجي گھر ۾ امن امان قائم ٿي ويو. پر هڪ ٿي ڳالهه خراب هئي جو سيٺ صوفن سودائي اها منڊي سوناري کي ڏيکاري تنهن چيو ته اهيا ته ٽامي جي آهي. سيٺ اها اڇلائي مونکي ڏني ۽ چيائين ته مونکي پئسا ڏي چيومانس حاضر ادا گھر وڪڻي به توکي پئسا ڏيندس پر هڪ ئي ڳالهه خراب هئي جو گھر جا ڪاغذ طوطن ماءُ جي نالي هئا پوءِ ماسي ناٿي نانگڻ کان اڌارا پئسا وٺي کيس ڏيئي جان ڇڏايم. اتي به هڪ ئي ڳالهه خراب هئي جو ماسي نانگڻ اڌارا ڏنل پئسن لاءِ مونکي ڏاڍو تپايو. مون سندس وڇ چورائي وڪڻي کيس پئسا ڏيئي جان ڇڏائي. پر وري به هڪ ڳالهه خراب هئي جو پيرين منهنجا پير سڃاتا ۽ پوليس مونکي پڪڙي ويئي. اتي به هڪ ئي ڳالهه خراب هئي جو انهن مونکان وڇ جا اڌ پئسا رشوت وٺي آزاد ڪيو، خير وقت گذرندو رهيو مونکي اچي شوق ٿيو ته اخبار ۾ ڪالم لکان ۽ سڄي سنڌ ۾ نالو ڪمايان. پر هتي به هڪ ئي ڳالهه خراب هئي. جو منهنجي ڪالمن ۾ ڇتي ڪوري واري اجائي ڊيگهه هئي. انجو سبب اهيو هو جو سعيد پور ٿيٻا ۾ پڙهڻ وقت سائين يعقوب مونکي پڪو پاڪستاني ۽ پڪو مسلمان ڪرڻ لاءِ صلاح الدين ايوبي جا وڏا ۽ ٿلها ڪتاب پڙهايا، مثلا محمد بن قاسم داستان مجاهد ۽ ٻيا جن مون ۾ ڊيگهه جي بيماري وجهي ڇڏي. امان کي ڪا ڳالهه اچي ٻڌائيندو هئس ته ان ۾ به هڪ ئي ڳالهه خراب هئي جو ڳالهه ۾ تاريخ جا گرافي، سماجي اڀياس ۽ دينيات جا سبجيڪٽ شامل  ڪندو هئس. امان مونکي دڙڪا ڏيئي چوندي هئي ڇورا ڪم دي ڳالهه ڪر اجائي ڊيگهه نه ڪر. مئين واندي ڪانه سي. بھرحال اهيا بيماري منهنجن ڪالمن ۾ به اچي ويئي، مون ڇهن هزار لفظن جو هڪ ڪالم لکي اخبار ڏانهن ماڻيو ته انجي ايڊيٽوريل پيج جي انچارج مونکي فون ڪري چيو ته اسانوٽ ٻيا به ڪالم نگار آهن، اخبار تنهنجي ڪانهي جو سڄو پيج تنهنجي ڪالم کي ڏيان. چيو مانس ادا ٿڌو ٿي ٿڌو ٿي! منهنجي ڪالم کي ائين ڪٽي ننڍو ڪر جيئن سياري اچڻ کان پهرين ٻٻر جا ڪهاڙي سان ٽار ڪٽي ٻٻر کي ننڍو ڪبو آهي! چيائين ٻٻر جا ٽار ڪٽي انهي کي ننڍو ڪرڻ لاءِ ڪهاڙي ڳوٺ جهمپير ڇڏي آيو آهيان. اها مون وٽ هجي ها ته تو جهڙا ڊگھاڙ ڪالم نگار مونکي پيرين پئي ملن ها۔ چيم هاڻ ڇا ڪريان؟ چيائين ڪالم  ننڊو ڪري لک.  مختصر ڪهاڻي جيترو ننڍڙو لک! هتي به هڪ ٿي ڳالهه خراب هئي جو آئون ڪهاڻيڪار ڪونه هئس. مونکي مختصر ڪهاڻي جي ڪابه خبر ڪانه هئي، مون اهيا ڳالهه فون ڪري ٻڌائيمانس ته چيائين ٺيڪ آهي. توکي مختصر ڪهاڻي جي خبر ڪانهي ڪا ته خير آهي، تون تلاش گمشده يا اطلاع عام جيڏو ڪالم لکي موڪل! مون وڃي اخبار  ۾ تلاش گمشده عام اطلاع وارا اشتهار ڏٺا ته اهي پنجن سٽن جيڏا هئا. سوچيم اهڙو ڪالم لکڻ کان سٺو آهي ته آئون ٻڏي وڃي مران، سو مون گوڏ ٻڌي وڃي کاڻ ۾ ٽپو ڏنو، پر هتي به هڪ ئي ڳالهه خراب هئي جو آئون تارو هئس، سو جان بچائي تري اچي ڪناري تي پهتس، پوءِ مون سوچيو ته هتي هر ڳالهه ۾ هڪ ئي ڳالهه خراب آهي نيٺ سوچي سوچي هڪ ڳالهه تي وڃي عمل ڪيم جنهن ۾ ڪابه خراب ڳالهه ڪانه هئي. اهو عمل اهيو هو ته شاهه سائين جي شاعري ۾ مداخلت ڪري، اخبار ۽ ايڊيٽوريل بورڊ جي انچارج کي پيغام ڏيان. مون هي شعر ٺاهيو:

سائيم سدائين ڪرين اثر مٿي اخبار

دوست مٺا دلدار، ڪالم ڊگها سڀ شايع ڪرائين.