اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري مڪي گڏيل دفاعي معاهدي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته هي معاهدو خطي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ اهم اڳڀرائي آهي. صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته هي تاريخي معاهدو ٽنهي ملڪن جي گڏيل دفاعي صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو ۽ سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي جي محفوظ، مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل لاءِ گڏيل عزم جو اظهار آهي. هن اهم اڳڀرائي کي ممڪن بڻائڻ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته هي معاهدو ٽنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان هڪ اهم سنگ ميل آهي.