تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

# ٽوئيٽر ٽاپ ٽرينڊ … # سنڌ آئلينڊ آرڊيننس کي رد ڪري ٿي

سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي والار خلاف سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ڏيکاريو ويو، ان سلسلي ۾ سنڌ آئلينڊ آرڊيننس کي رد ڪري ٿي هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو جنهن ۾ هزارين ٽوئيٽ ڪيا ويا، سوشل ميڊيا تي اهو پڻ چيو ويو ته تڪراري پاڪستان آئلينڊ اٿارٽي ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، اهڙو عمل ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو، عاجز جمالي لکيو ته سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي آئلينڊ اٿارٽي کي رد ڪري چڪي آهي، سعيد سانگري سنڌ آئلينڊ آرڊيننس کي رد ڪري ٿي، ايڊووڪيٽ مجيب حفيظ الله پنهور لکيو ته سنڌ ڪالوني ناهي، اسان غيرقانوني آرڊيننس کي رد ڪريون ٿا، نازيه ميمڻ لکيو ته پنهنجي ڌرتي پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿارڻ ضروري آهي اهي ئي قومون زنده رهنديون آهن جيڪي پنهنجي بقا لاءِ جهيڙينديون آهن،ان کانسواءِ آزاد سنڌي، سيد ساقي، اسدالله دراني، حبيب لاشاري، ظفرالله کوسو، فاروق سومرو، محمد قاسم، قاضي راجا خان، علي رضا سولنگي، شيراز عقيل، امتياز سمون، رابيل سيال، وينگس، غمشاد جوکيو، فريد علي رند، ماجد مقصود، حڪيم زنگيجو، بشير ميراڻي، حسن چانڊيو، جاويد شيخ، ياسر علي، منيش ڪولهي، سينگار علي ملاح، دودو، ونود ڪمار، حسين اظهر سميت هزارين ماڻهن ٻيٽن تي وفاق جي والار خلاف هلايل مهم ۾ حصو ورتو ۽ چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن انهن تي وفاق جي والار ڪڏهن به قبول نه ڪئي ويندي، ٻيٽن تي شهر اڏڻ بابت جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس کي رد ڪريون ٿا. مشتاق راڄپر ٻيٽن تي وفاق جي والار لاءِ جاري ڪيل آرڊيننس خلاف سانا پاران ٽورنٽو ۾ ٿيل احتجاج جون تصويرون شيئر ڪيون ويون.ماجد سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ بوٽ ريلي کي ڏنگي ٻيٽ تي وڃڻ کان روڪڻ پويان ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟ ڪٿي ٻڌو ۽ ڪجهه فوٽيجز ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته اتي اڏاوتي ڪم وڏي عرصي کان جاري آهي، ان جو مطلب آهي ته ان تي قبضو ٿي چڪو آهي، اوهان جيڪڏهن گورنر سنڌ ۽ وفاقي وزير علي زيدي جون تازيون ڳالهيون ٻڌيون هونديون ته اهي صرف هڪ ٻيٽ ڀنڊاڙ جي باري ۾ ڳالهيون ڪن ٿا ڏنگي جون نه، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ڏنگي تي قبضو ٿي چڪو آهي ڀنڊاڙ جو وارو آهي، اڄ جن ريلي کي روڪيو اهي چاهين ته ڀنڊاڙ تي به ڏنگي ٻيٽ وانگر سولائي سان قبضو ڪري سگهن ٿا، قبضن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان لاءِ ڏنگي ٻيٽ تائين پهچڻ جي به اشد ضرورت آهي ته جيئن اهو ڏسي سگهجي ته اتي ڇا ٿي رهيو آهي، اوستائين قانوني طريقي سان رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جو سهارو وٺڻو پوندو جنهن لاءِ سنڌ حڪومت مٿان پريشر وجهڻ ضروري آهي ڏنگي تائين پهچي ڀنڊاڙ تي قبضو ناڪام بڻائي سگهجي ٿو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *