Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_ra69sphfdj0ss5t1h4d05u4hc0, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
# ٽوئٽر ٽاپ ٽرينڊ ... سنڌياڻيءَ کي سلام - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar # ٽوئٽر ٽاپ ٽرينڊ ... سنڌياڻيءَ کي سلام - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

# ٽوئٽر ٽاپ ٽرينڊ … سنڌياڻيءَ کي سلام

ٽوئيٽر تي سنڌياڻين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ٽرينڊ هلايو ويو جنهن ۾ سنڌ جي سياسي سماجي ورڪر عورتن سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عورتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. سنڌياڻيءَ کي سلام هيش ٽيگ ٽرينڊ ۾ سنڌ جي متحرڪ ڪردار نياڻين جون تصويرون شيئر ڪري انهن جي خدمتن کان آگاهه ڪيو ويو. سحر شاهه رضوي بينظير ڀٽو شهيد، مائي جندو، عابده پروين، سسئي لوهار، سنڌو نواز گهانگهرو، ام رباب جون تصويرون شيئر ڪري سلام پيش ڪيو، حاجي سهيل خان شهيد غزالا بتول کي ڀيٽا پيش ڪئي، فقير امام پلهه سحر شاهه رضوي کي ڀيٽا پيش ڪئي، اقصيٰ ڪينجهر جمالي هنرمند عورتن جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جون هنرمند عورتون سنڌ جو حسن ۽ سينگار آهن جيڪي محدود وسيلن باوجود پنهنجي هنر سان سنڌ جي تهذيبکي اڄوڪي دور ۾ به زنده رکن پيون اهي عورتون ئي سچ ۾ باڪمال آهن، محمد قاسم انصاري بي بي سي جي پهرين سنڌي عورت پروڊيوسر نازيه ميمڻ کي ڀيٽا پيش ڪئي، ان کانسواءِ حور نساءَ پليجو کي پڻ ڀيٽا پيش ڪندي لکيو ته هوءَ سدائين نه رڳو عورتن جي حقن پر سنڌ جي حقن لاءِ پڻ سرگرم رهي آهي.پوليس آفيسر سهائي ٽالپر، شهيد پائلٽ مريم مختيار ۽ سماجي ورڪر غلام صغريٰ سولنگي جون تصويرون به شيئر ڪري ڀيٽا ڏني، فاطمه پاران نازو ڌاريجو کي ڀيٽا پيش ڪندي لکيو ته هن وڏيرن خلاف ويڙهه ڪئي. پرور آزاد شهيد مظفر ڀٽو جي امڙ جي تصوير شيئر ڪندي ڀيٽا پيش ڪئي.نور مري ٽيڪسٽائيل آرٽسٽ سومل سولنگي جي تصوير شيئر ڪري ڀيٽا ڏني، جيڪا ڀرت سان مختلف تصويرون ٺاهي ڪردار کي ڀيٽا پيش ڪندي آهي، ڪرڪيٽر خواجه امتياز امتياز، سماجي ورڪر شميم مري، تبسم چانڊيو، ڪائنات هاليپوٽو، بدين ۾ هوٽل هلائيندڙ فرح ناز، پنهنجي ڪميونٽي کي تعليمي يافته ۽ هنرمند بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندڙ بيبي باگڙي ۽ ٻين سنڌياڻين جون تصويرون شيئر ڪري سندن خدمتن کي اجاگر ڪري سلام پيش ڪيو ويو، ايم بي خاصخيلي لکيو ته اسان جي ڌرتي تي هزارين اهڙيون سورميون آهن جن جي اصل حقيقت دنيا آڏو آئي ئي ناهي انهن کي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي انهن جي ڪردار کي دنيا آڏو متعارف ڪرائڻ گهرجي، هن حفيظان وڌو ۽ ٻين جون تصويرون شيئر ڪري ڀيٽا ڏني.شاهنوار انڙ لکيو ته جيستائين سنڌي عورت ذهني معاشي ۽ سماجي طرح آزاد نه ٿيندي تيستائين سنڌ جي مزاحمتي سگهه پختي نه ٿيندي، ليلا سنڌي لکيو ته جيڪڏهن اوهان هڪ مرد کي پڙهايو ڄڻ هڪ فرد پڙهايو پر جيڪڏهن اوهان هڪ عورت کي پڙهايو ته سمجهو اوهان هڪ خاندان کي پڙهايو، سماجي ڪمن ۾ حصو وٺندڙ عورتون اسان جي نياڻين لاءِ مشعل راهه آهن، سنڌ جي عورتن سدائين سنڌ جي حقن لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان جون نياڻيون هماليه جيڏا حوصلا رکن ٿيون، نياڻي هجي يا پٽ ٻئي برابر آهن اها سوچ اختيار ڪرڻي پوندي، سنڌ جي هر ان بهادر نياڻي کي جس هجي جيڪا هن گهٽ ٻوسٽ واري سماج ۾ پاڻ ملهائي رهي آهي. اسان کي سنڌ جي نياڻين جو قدر ڪرڻو پوندو انهن جو تحفظ ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي برابري جي بنيادن تي حق ڏيڻا پوندا. عاجز جمالي لکيو ته عورتن لاءِ مسئلا هر هنڌ آهن پر سماجي ۾ اهو وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي نياڻين کي همٿايون، سنڌ جي ترقي سنڌ جي نياڻي جي حوصلي، همٿ ترقي سان ممڪن آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *