ٽول ٽيڪس ۾اضافو رد: اين ايچ اي پنجاب اٿارٽي بڻيل آهي:سنڌ اسيمبلي پاران ٺهراءُ منظور

جنوري 8, 2025

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي مان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پاران ٽول ٽيڪس ۾ اضافي واري فيصلي خلاف ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور، ڪالهه ايوان  پ پ ايم پي اي هير سوهو سنڌ ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پاران ٽول ٽيڪس ۾ اضافي واري فيصلي  خلاف پيش ڪيل ٺهراءُ گڏيل طور تي پاس ڪري ورتو. پ پ ايم پي اي هير سوهو ٺهراءُ چيو ته سنڌ ۾ روڊن جي حالت انتهائي خراب آهي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي روڊ بهتر ڪرڻ بدران ٽول ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو آهي، اهڙو فيصلو واپس ورتو وڃي. هن چيو ته اين ايڇ اي هڪ سال دوران ٽول ٽيڪس ۾3 دفعا واڌ ڪئي آهي، اسان کي شرمندگي ٿي رهي آهي ته سنڌ ۾ رستا ڪٿي به نظر نٿا اچن، سنڌ ۾ مين روڊ اين ايچ اي ٺاهي ٿي، تنقيد وري سنڌ سرڪار تي ٿئي ٿي. ڪراچي کان سکر تائين روڊ جي حالت خراب آهي، هن چيو ته هن وقت اين ايچ اي پاران پنجاب ۾ 26 روڊ ٺاهيا پيا وڃن، سنڌ انهن جي لسٽ ۾ ئي ناهي. هن چيو ته اين ايچ اي چٽن لفظن ۾ ٻڌائي ته سنڌ سندن ترجيح ۾ ناهي، اهڙي صورت ۾ اسان عوام کي منع ڪريون ته اهي ٽول ٽيڪس نه ڏين. پ پ ايم پي اي خيرالنساءَ مغل چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جو نالو تبديل ڪري پنجاب هاءِ وي اٿارٽي رکڻ گهرجي.سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ٺهراءُ تي ڳالهائيندي چيو ته اين ايچ اي سنڌ صوبي سان زيادتيون ڪري رهي آهي، وفاق جي ڪنٽرول هيٺ ايندڙ روڊن جي حالت خراب هجڻ ڪري حادثن ۾ انساني جانيون وڃائجي رهيون آهن، جن جي ذميوار وفاقي سرڪار آهي.هن چيو ته حيدر آباد سکر هاءِ وي انتهائي خراب روڊ آهي، هي روڊ رڳو سنڌ نه پر پوري پاڪستان جا ماڻهو استعمال ڪندا آهن. وفاقي سرڪار وٽ ٻين صوبن ۾ ٺهندڙ موٽر ويز لاءِ پئسا آهن، سنڌ جي موٽر وي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جا راڳ آلاپيا پيا وڃن،  پ پ ايم پي ايز مخدوم فخرالزمان ۽ بهادر ڏاهري چيو ته مٽياري ۽ قاضي احمد ٽول پلازا غيرقانوني قائم ڪيا ويا آهن جيڪي ختم ڪيا وڃن.

Leave A Comment