| ٽول پلازا نامنظور: قاضي احمد ۾ شٽر بند ھڙتال: لوڪل ٽرانسپورٽ جو ڦيٿو جام |
قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد باءِ پاس تي ٻيهر ٽول پلازا قائم ڪري ٽيڪس اوڳاڙڻ خلاف قاضي احمد جي سياسي ۽ سماجي تنظيمن توڙي سول سوسائٽي جي سڏ تي شٽر بند ھڙتال رهي، شهر جي شاھي بازار، ريڊيو بازار، سردار مارڪيٽ، آفتاب مارڪيٽ، راھو مارڪيٽ، ناز مارڪيٽ، ڏيڙان روڊ، جمال شاھه روڊ، درگاھ روڊ، ملنگ مارڪيٽ، مسجد گلي، ريشم گلي، پراڻي بازار سميت سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، لوڪل ٽرانسپورٽ جو ڦيٿو جام رھيو، شٽر بند ھڙتال سبب ڳوٺن مان ماڻھن جي اچ وڃ پڻ بند رهي، ٻئي طرف ڪنھن اڻوڻندڙ صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءَ نوابشاھ، قاضي احمد، لاکاٽ سميت ٻين ٿاڻن مان پوليس اٽالا ٽول پلازا تي مقرر ڪيا ويا هئا، هوڏانهن شهري اڳواڻ ايڊووڪيٽ حفيظ الرحمان جوڻو چيو ته قاضي احمد ٽول پلازا خلاف سومر تي هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي ويندي، اڄوڪي ڪامياب ھڙتال ٽول پلازا خلاف ريفرنڊم آھي شھرين پنھنجي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ڪاروبار بند رکيو ٻئي طرف ٽول پلازا انتظاميا جو چوڻ آھي ته اسان ڪروڙين رپيا ڀري نئون روڊ تعمير ڪيو آھي، ورڪس کاتو ٽيڪس اوڳاڙي ڪري پيو، ٻن ڏينھن اندر ٽول پلاز ا جو افتتاح ڪيو ويندو