ٽياڪڙي واري آڇ قبول: بلاول اپوزيشن سان ڳالهائي، سلامتي ڪاميٽي اجلاس سڏائينداسين: وفاقي سرڪار

مارچ 26, 2025

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت بلاول ڀٽو زرداري جي ٽياڪڙي واري آڇ مڃي ورتي، پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي ذميواري به پ پ کي ڏئي ڇڏي، وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جيڪڏهن بلاول پي ٽي آءِ کان اجلاس ۾ شرڪت جي خاطري وٺي ته قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس ٻيهر گهرائڻ ۾ ڪو عيب ناهي، بلاول ڀٽو پاڻ حڪومت ۾ آهي، پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيون ته اها اسان جي ئي ڪاميابي هوندي، ملڪ ۾ پيڪا قانون جي ضرورت آهي، اُن جي غلطي استعمال جون شڪايتون جائز آهن، جن تي ويهي ڳالهائي سگهجي ٿو، بلوچستان ۾ جيڪي قتلام ڪري رهيا آهن انهن خلاف ڳالهيون نه وڏو آپريشن ٿيڻ گهرجي.

 

Leave A Comment