| ٽيسٽ قيادت جي حوالي سان اڃا ڪا به ڳالهه واضح ناهي: عاقب جاويد |
لاهور: عاقب جاويد چيو ته قومي ڪپتان تي تمام سليڪٽرز ميٽنگ کانپوءِ چيئرمين کي حتمي منظوري لاءِ سفارشون ڏيندا عاقب جاويد چيو آهي ته قومي ڪپتان تي تمام سليڪٽرز ميٽنگ کانپوءِ چيئرمين کي حتمي منظوري لاءِ سفارشون ڏيندا، ٽيسٽ قيادت جي حوالي سان اڃا ڪا به ڳالهه واضح ناهي، ايندڙ چند ڏينهن ۾ فيصلو ٿيندو. ٽيي ٽوئنٽي ۾ سلمان علي آغا جي ڪپتاني جي سوال تي هن چيو ته جديد ڪرڪيٽ ۾ ڪو به ڪم ڊگهي مدي لاءِ ٿيڻ تمام ڏکيو آهي. هن چيو ته ٽي ٽوئنٽي ۾ اسان کي ڪجهه ٻيو ڪرڻو پوندو، اسان آپشنز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنداسين، بطور ڪپتان توهان لاءِ سڀ کان ضروري پنهنجي ڪارڪردگي سان ٻين پليئرز کي متاثر ڪرڻ هوندو آهي، اڃا ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي.