ٽيسٽ ڪپتان شان مسعود جي ٽيم لاءِ 40 رنسن جو هدف به جبل، شڪست ملي وئي، 235 سال پراڻو رڪارڊ ٽٽي ويو

ٽيسٽ ڪپتان شان مسعود جي ٽيم لاءِ 40 رنسن جو هدف به جبل، شڪست ملي وئي، 235 سال پراڻو رڪارڊ ٽٽي ويو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پريزيڊنٽ ٽرافي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ خراب رڪارڊ جڙي ويو ٽيم 40 رنسن جو هدف به حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان شان مسعود پنهنجي ٽيم کي ننڍڙو هدف به پار ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو. ايس اين جي پي ايل ٽيم تمام گهٽ هدف جو تعاقب ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وي. پي ٽي وي ۽ ايس اين جي پي ايل جي وچ ۾ کيڏيل ميچ ۾، پي ٽي وي ٽيم فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اسڪور جو ڪاميابي سان دفاع ڪندي تاريخ رقم ڪئي. هن ميچ ۾ ايس اين جي پي ايل کي فتح لاءِ صرف 40 رنسن جو هدف ڏنو ويو، پر پوري ٽيم صرف 37 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. اهڙي طرح، پي ٽي وي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هدف جو دفاع ڪرڻ واري ٽيم بڻجي وئي. 10 رانديگر ڊبل فگرز ۾ داخل نه ٿي سگهيا ۽ 4 بيٽرن کاتو به نه کوليو. اذان اويس 2، علي زرياب 0، عمير يوسف 6، عبدالصمد 5، ڪپتان شان مسعود 0، سيف الله بنگش 14، سعد خان 1، ساجد خان 3، محمد علي 6، شهزاد گل 0 تي آئوٽ ٿيا شاهنواز ڏاهاڻي بنا رنس جي ناٽ آئوٽ آيو سموري ٽيم 37 تي آئوٽ ٿي وئي. پي ٽي وي جي احمد بٽ 4 ۽ علي عثمان 6 وڪيٽون ورتيون. هن ميچ سان، 235 سال پراڻو رڪارڊ پڻ ٽٽي ويو، ان کان اڳ 1794 ۾، ايم سي سي ٽيم اولڊ فيلڊ خلاف 41 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي هئي.