ٽيم لاءِ هي ڏکيو وقت آهي، رانديگرن تي بار نه وجهندس، سيريز کانپوءِ فيصلو ڪنداسين ته ڪنهن کي ڪڍڻو آهي: سرفراز احمد

ٽيم لاءِ هي ڏکيو وقت آهي، رانديگرن تي بار نه وجهندس، سيريز کانپوءِ فيصلو ڪنداسين ته ڪنهن کي ڪڍڻو آهي: سرفراز احمد

لنڊن (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي دوره انگلينڊ ۾ خرابيءَ واري ڪارڪردگي ۽ مائوس ڪن بيٽنگ پرفارمنس کانپوءِ هيڊ ڪوچ سرفراز احمد چيو آهي ته مشڪل وقت ۾ رانديگرن تي ملبو نه وجهندس، سيريز کانپوءِ فيصلو ڪنداسين ته ڪنهن کي ڪڍڻو آهي. هيڊ ڪوچ سرفراز احمد لارڊز ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻيءَ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته رانديگر خراب کيڏيا آهن پر ان جو اهو مطلب هرگز ناهي ته مان سڀ ملبو رانديگرن تي وجهي ڇڏيان. سرفراز احمد چيو ته هيءَ اسان جي ٽيم آهي ۽ پاڪستان جا بهترين رانديگر ان جو حصو آهن. محمد رضوان، سعود شڪيل ۽ سلمان علي آغا پرفارم به ڪيو آهي، پر اڄ رنسون نه پيا ڪن، تنهنڪري بطور هيڊ ڪوچ مان انهن سان گڏ بيٺو آهيان. سيريز کانپوءِ ويهنداسين، گپ شپ ڪنداسين، پوءِ طئي ڪنداسين ته ڪنهن کي رکڻو آهي ۽ ڪنهن کي ڪڍڻو آهي. هن چيو ته اسان جو مسئلو اهو آهي ته بيٽنگ ۾ سٺو ڪيون ٿا ته بالنگ خراب ٿي وڃي ٿي. هينئر تسليم ڪريان ٿو ته بيٽنگ ۾ مسئلا آهن، هي سڀ سٺا ڇوڪرا آهن ۽ بڻت محنت ڪري رهيا آهن، افسوس جو نتيجا اسان جي حق ۾ نه پيا اچن، پر اسان کي ان حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم هڪ پيشيورانه ٽيم آهي. هيڊ ڪوچ سرفراز احمد چيو ته اگر پاڪستان ٽيم کي بين الاقوامي سطح تي پنهنجي سڃاڻپ عالمي معيار مطابق رکڻي آهي ته ڇوڪرن کي پرفارم ڪرڻو پوندو، فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ وڃڻو پوندو ۽ پنهنجي خامين تي ڪم ڪرڻو پوندو، اهو ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيسين ٽيم جي پرفارمنس جي ڳالهه آهي، بطور هيڊ ڪوچ مان مڪمل ذميواري قبول ڪريان ٿو ۽ ڪنهن کي به ڏوهي نه ٺهرائيندس.