ٽين ايشز ميچ ۾ به انگلينڊ شڪست جي ڪنڌيءَ تي، آسٽريليا کي کٽڻ لاءِ 4 وڪيٽون گهربل

ٽين ايشز ميچ ۾ به انگلينڊ شڪست جي ڪنڌيءَ تي، آسٽريليا کي کٽڻ لاءِ 4 وڪيٽون گهربل

ايڊيليڊ (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا کي ايڊيليڊ ٽيسٽ کٽڻ ۽ ايشز سيريز ۾ فيصلائتي سرسي حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ جون رڳو 4 وڪيٽون گهربل آهن. ايڊيليڊ ۾ جاري ايشز سيريز جي ٽيِن ٽيسٽ ميچ ۾ انگلش ٽيم آسٽريليا جي 435 رنسن جي هدف جي جواب ۾ چوٿين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 207 رنسون ٺاهي ورتيون. انگلينڊ کي فتح لاءِ وڌيڪ 228 رنسون جڏهن ته آسٽريليا کي چار وڪيٽون گهربل آهن. انگلش بيٽر ويل جيڪس 11 ۽ جمي سمٿ 2 رنس ٺاهي ڪرِيز تي موجود آهن، آسٽريليا طرفان ڪپتان پيٽ ڪمنز ۽ نيٿن ليون 3، 3 وڪيٽون ورتيون. ان کان اڳ آسٽريلوي ٽيم پنهنجي ٻي اننگز ۾ 349 رنس ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، ٽريوس هيڊ 170 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي. انگلينڊ طرفان جوش ٽنگ 4 ۽ برائيڊن ڪارس 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.