| ٽيڪساس نيرو بڻجي ويندو: ڪروڙين ڊالرن جون شرطون |
واشنگٽن: آمريڪا جي رياست ٽيڪساس ۾، جتي 1994ع کانپوءِ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو ڪو به اميدوار رياستي سطح جي چونڊ کٽي نه سگهيو آهي ۽ 1980ع کان هر صدارتي چونڊ ۾ ريپبلڪن اميدوار جي حمايت ٿيندي رهي آهي، هن ڀيري وڏي سياسي تبديليءَ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن. آمريڪي رياست ٽيڪساس ٽن ڏهاڪن کان ريپبلڪن پارٽي جو مضبوط ڳڙهه رهي آهي، پر ٿيندڙ وچ مدتي چونڊن کان اڳ سروي رپورٽن موجب اها ڳاڙهي رياست جزوي يا مڪمل طور نيري ٿي سگهي ٿي. ٽيڪساس لڳ ڀڳ ٽن ڏهاڪن کانپوءِ ڊيموڪريٽڪ رياست بڻجي سگهي ٿي. مبصرن موجب ان تبديلي جو وڏو سبب صدر ٽرمپ جون پاليسيون، خاص طور تي لڏپلاڻ خلاف سخت ڪارروايون ۽ معاشي دٻاءُ آهي. آمريڪي چونڊن تي ڪيل سٽي بازي ۾ به وڏي پئماني تي واپار ٿي رهيو آهي. ڪيلشي ۽ پولي مارڪيٽ تي پنجن اهم چونڊن جي شرطن جو گڏيل واپاري ڪاٿو 47 ڪروڙ 90 لک ڊالرن تائين پهچي ويو آهي. شرط لڳائيندڙن جو لاڙو به ڊيموڪريٽڪ اميدوارن ڏانهن وڌي رهيو آهي. سينيٽ جي چونڊ ۾ ڪاميابي جي امڪانن بابت ڪيلشي تي معاهدن جي خريد ۽ وڪري ذريعي اميدوارن جي پوزيشن جو اندازو لڳايو پيو وڃي، جڏهن ته قومي سطح تي ايوان نمائندگان ۽ سينيٽ ۾ ڊيموڪريٽس جي اڪثريت حاصل ڪرڻ جا امڪان پڻ سٽي بازي جو حصو آهن.