ٽيڪسيلا: ٽڪ ٽاڪر عائشه جا قاتل آزاد: والد جو احتجاج  

ٽيڪسيلا: ٽڪ ٽاڪر عائشه جا قاتل آزاد: والد جو احتجاج  

ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) ٽيڪسيلاجي  ٽڪ ٽاڪر شمسو  بي بي عرف عائشھ جو قاتل آزاد، ڪيس داخل:  والد پاران  انصاف جي گهر ، ان ڏس ۾ ٽيڪسلا ۾ ٻه ڏينهن اڳ قتل ٿيل ٽڪ ٽاڪر شمسو بي عرف عائشھ جو پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو پر جوابدار اڃا تائين آزاد آهن. مقتوله جي والد جو چوڻ آهي ته عائشھ ڪاشف جي سڏڻ تي گهران نڪتي هئي، کيس ڪاشف، ڪوثر ۽ جاويد عرف شاهين قتل ڪيو آهي. والد موجب عائشھ ڪوثر ۽ جاويد کي پلاٽ وڪرو ڪيو هو، ۽ پئسا گهرڻ تان کيس قتل ڪيو ويو پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ نامزد 3 جوابدارن جو تعلق ڪي پي جي ضلعي دير سان آهي.  جڏهن ته عائشھ جو تعلق پڻ دير سان هو،  اها 7 کان 8 مهينا اڳ ٽيڪسيلا شفٽ ٿي هئي.