ٽيڪسٽائل ملن ۾ ڪيمرائون لڳائڻ تان تڪرار، آپٽما جو خرچ ڀرڻ کان انڪار

ٽيڪسٽائل ملن ۾ ڪيمرائون لڳائڻ تان تڪرار، آپٽما جو خرچ ڀرڻ کان انڪار

لاهور (م ڊ) ٽيڪسٽائل ملز مالڪن ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) وچ ۾ ملز ۾ ڪيمرا لڳائڻ جو معاملو شدت اختيار ڪري ويو. آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن (اپٽما) جي ذريعن موجب ايف بي آر ٽيڪسٽائل ملز مالڪن کي پنهنجي خرچ تي ڪيمرا لڳائڻ جو چيو هو پر ملز مالڪن ڪيمرائن جو خرچ برداشت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. زبردستي ڪيمرا لڳائڻ جي صورت ۾ فيڪٽريون بند ڪرڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي. انهن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر ٽيڪس چوري روڪڻ جي لاءِ ڪيمرا لڳائڻ چاهي ٿو، ڪنهن به صورت ۾ اهو ڪروڙين روپين جي خرچن جو بار نٿا کڻي سگهون. فيڪٽري مالڪن موجب سيف سٽي ڪيمرا چالان ڪن ٿا انهي جو خرچ صارف برداشت نٿو ڪري انهي ڪري ايف بي آر کي پنهنجي سهوليت ڏسڻي آهي انهي ڪري خرچ به اهي ئي ڪن ۽ پنهنجي خرچ تي ڪيمرا لڳائين. فيڪٽري مالڪن جو وڌيڪ چوڻ هو ته صرف ٽيڪسٽائل ملز نه جننگ ۽ اسپننگ ملز کي به شامل ڪيو ويندو. ٽيڪسٽائل ملز ته صرف 180 رهجي ويون آهن. جننگ ۽ اسپننگ ملز جو تعداد 1200 کان وڌيڪ آهي انهي سان ٽيڪس وڌيڪ ملي سگهي ٿو.