ٽيڪسٽ بوڪ جون مشينون ناڪاره ڪيئن ٿيون؟ جاچ جو حڪم
ڊسمبر 20, 2023
ڪراچي: سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جون ڪروڙن جي ماليت جون 6 پرنٽنگ مشينون هڪ ڏينهن به استعمال نه ٿيڻ سبب ناڪاره بڻجڻ وارو معاملو، سنڌ حڪومت پاران عدالتي حڪمن تي ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جون پرنٽنگ مشينون ناڪاره بڻجڻ واري معاملي جي اعليٰ سطحي انڪوائري ڪرائڻ جو فيصلو، جاچ ۾ گذريل 27 سالن کان ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي اهم عهدن تي رهندڙ ڪامورن کي به شامل ڪرڻ جي هدايت، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي اختيارين پاران پرنٽنگ واريون جديد هڪ ڏينهن به استعمال نه ڪرڻ سبب ناڪاره بڻجڻ وارو اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد سنڌ سرڪار عدالتي حڪمن تي انڪوائري ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان ڪالهه سنڌ جي چيف سيڪريٽري تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جون مشينون ناڪاره بڻجڻ واري مامري جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي انڪوائري ڪاميٽي جُوڙي وڃي، چيف سيڪريٽري پاران اها هدايت ڪئي وئي آهي ته جاچ ۾ 1996ع کان وٺي هن وقت تائين سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي اهم عهدن تي رهندڙ ڪامورن کي به شامل ڪيو وڃي، جاچ ۾ اهو تعين ڪيو وڃي ته مشينون ناڪاره بڻجڻ واري معاملي ۾ ڪهڙا آفيسر ذميوار آهن؟ چيف سيڪريٽري پاران صوبائي سيڪريٽري کي عدالتي حڪمن بابت به آگاهي ڏيندي چيو ويو آهي ته انڪوائري ڪاميٽي جي اها رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي
جاپان کان تحفي طور مليل 6 مان 4 پرنٽنگ مشينون مرمت لائق به ناهن!
ڪراچي: سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جون ناڪاره ڄاڻايل 6 مان 4 پرنٽنگ مشينون مرمت لائق به ناهن! جڏهن ته مرمت لائق 2 مشينن جي مرمت تي ايندڙ خرچ مان وري 2 نيون مشينون خريد ڪري سگھجن ٿيون. واضح رهي ته جاپان پاران سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کي 1996ع ۾ 6 مهانگيون جديد مشينون تحفي طور ڏنيون ويون هيون، جيڪي سالن کان استعمال هيٺ به نه آنديون ويون هيون.