| ٽيڪس اوڳاڙيندڙ 16 گڙنگ ڪامورا ٻين ملڪن جا شهري |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي 16 آفيسرن وٽ پرڏيهي شهريت يا گرين ڪارڊ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. دستاويزن موجب انهن 16 آفيسرن ۾ ان لينڊ روينيو سروسز جا 10 ۽ پاڪستان ڪسٽمز سروس جا 6 آفيسر شامل آهن. گريڊ 20 جي 10 آفيسرن وٽ ٻٽي شهريت يا گرين ڪارڊ موجود آهن، جڏهن ته ايف بي آر جا گريڊ 19 جا 5 آفيسر پڻ ٻٽي شهريت رکن ٿا. ايف بي آر جي گريڊ 21 جي آفيسر سجاد اعظم، پاڪستان ڪسٽمز سروس جي زهره حيدر، گريڊ 20 جي طيبه بخاري، گريڊ 17 جي فروا بتول، جمشيد ٽالپر، سلمىٰ شاهين، ارم شبير، شازيه ميمڻ، آمنه فيض، نعيم بابر، اسفنديار جنجوعه، مسعود همايون، باسط حسين ۽ مصباح کٽانا ٻٽي شهريت رکندڙ آهن. دستاويزن موجب سمورن سرڪاري آفيسرن کي پرڏيهي شهريت يا مستقل رهائش بابت تفصيل ظاهر ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو آهي. آفيسرن کي 8 جولاءِ تائين ٻٽي شهريت بابت سمورا تفصيل جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، پر مقرر مدي گذرڻ باوجود ڪيترن ئي آفيسرن طرفان ڊڪليئريشن جمع نه ڪرائي. دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته غلط معلومات فراهم ڪرڻ يا ڊڪليئريشن جمع نه ڪرائڻ کي مس ڪنڊڪٽ تصور ڪيو ويندو. سرڪاري آفيسرن لاءِ پرڏيهي شهريت، گرين ڪارڊ يا مستقل رهائش بابت سمورا تفصيل ظاهر ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.