ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۾ ساڳيو ئي رويو رکيو ويو ته چونڊن ۾ نتيجا ڀوڳڻا پوندا: مخدوم علي خان

ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۾ ساڳيو ئي رويو رکيو ويو ته چونڊن ۾ نتيجا ڀوڳڻا پوندا: مخدوم علي خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت ۾ سپر ٽيڪس ڪيس جي ٻڌڻي دوران مختلف ڪمپنين جي وڪيل مخدوم علي خان دليل ڏيندي چيو ته سپر ٽيڪس بابت قانونن ۾ واضح قانوني زبان موجود ناهي ۽ آمدني جي تعريف تبديل ڪري ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي. مخدوم علي خان مطابق جيڪڏهن حڪومت جو ٽيڪس بابت اهو ئي رويو رهيو ته ان جي سياسي نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو. ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي. وفاقي آئيني عدالت ۾ سپر ٽيڪس متعلق درخواستن جي ٻڌڻي چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران مختلف ٽيڪس ڏيندڙ ڪمپنين جي وڪيل مخدوم علي خان تفصيلي دليل ڏنا. مخدوم علي خان موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۾ اهڙو ئي رويو اختيار ڪندي رهي ته ان کي چونڊن ۾ نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جيئن ڊونلڊ ٽرمپ ٽيڪس گهٽائڻ جي واعدي تي چونڊون کٽيون هيون. انڪم ٽيڪس آرڊيننس جو سيڪشن 4 سي ٽيڪس جي ڪلاسي فڪيشن جي اجازت نٿو ڏئي ۽ ان ۾ واضح قانوني ٻولي به استعمال ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته رڳو هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي ٽيڪس وصولي جاري آهي. وڪيل موجب سيڪشن 4 سي ۽ 4 بي تحت آمدني جي تعريف ئي تبديل ڪئي وئي آهي ۽ انهن شقن ۾ خرچن ۽ نقصان کي آمدني مان گهٽائڻ جي اجازت ناهي. حڪومت سالن کان بل پاس ڪري رهي آهي پر واضح قانوني زبان استعمال نٿي ڪري، جنهن سبب مقامي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وقت شڪ ۽ خدشا محسوس پيا ڪن، جڏهن ته ٽيڪس ڇوٽ گهٽائڻ بدران وڌائي وڃي ٿي. ان موقعي تي جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته ٽيڪس آرڊيننس ۾ صاف لکيل آهي ته لوڪل ڪمپنيون پاڪستان جون ئي هجڻ گهرجن. مخدوم علي خان چيو ته پاڪستان ۾ فرٽيلائزر پلانٽ ٽيڪس کانسواءِ نٿا هلي سگهن، رڪوڊڪ منصوبي ۾ حڪومت زمين ته ڏني پر پنهنجي پوزيشن مؤثر نموني برقرار نه رکي سگهي. هن ياد ڏياريو ته سپريم ڪورٽ رڪوڊڪ مائيننگ لائسنس کي غير قانوني قرار ڏنو، بعد ۾ معاملو عالمي سطح تي وڃڻ سبب پاڪستان کي 11.6 بلين ڊالر ادا ڪرڻا پيا. حڪومت وٽ وسيلا نه هئڻ سبب سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل وئي ۽ عدالت کي چيو ته جيڪڏهن توهان چوندا ته اسان فيصلي جي پابندي نه ڪنداسين. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.