ٽيڪس چور واپارين جي گرفتاري جي تجويز جو نوٽيس

جُون 16, 2025

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) وزيراعظم ٽيڪس فراڊ ڪندڙ ڪاروباري ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جي تجويز جو نوٽيس ورتو آهي.

ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم بجيٽ ۾ ايف بي آر جي واپارين کي گرفتار ڪرڻ جي تجويز جو نوٽيس ورتو آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم تجويز تي غور ڪرڻ لاءِ هڪ اجلاس سڏايو آهي، جنهن ۾ ناڻي وارو وزير، چيئرمين ايف بي آر ۽ قانون وارو وزير پڻ شرڪت ڪندا.

آفيسرن موجب فنانس بل ۾ ٽيڪس فراڊ ڪندڙ ڪاروباري ماڻهن جي گرفتاري ۽ 10 سالن تائين قيد جي تجويز آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل