ٽرمپ چيو: “اڄ رات هڪ سموري تهذيب مري ويندي.”
الجزيره 7 اپريل تي رپورٽ ڪيو. اهي لفظ رڪارڊ تي آهن: “A whole civilisation will die tonight.” آمريڪي صدر هڪ اهڙي قوم بابت، جنهن جي تاريخ اڍائي هزار سال پراڻي آهي، جنهن سائرس اعظم کي جنم ڏنو، جنهن انساني حقن جو پهريون منشور لکيو، اهي لفظ استعمال ڪيا ته اڄ رات اها تهذيب مري ويندي.
پاسدارانِ انقلاب جواب ڏنو آهي. الجزيره موجب، پاسداران چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا “ڳاڙهيون لڪيرون” پار ڪيون ۽ شهري تنصيبات تي حملو ڪيو ته ايران جو جواب “علائقي کان ٻاهر” تائين ويندو ۽ آمريڪا ۽ ان جا اتحادي “ڪيترن ئي سالن” تائين تيل ۽ گئس کان محروم ٿي ويندا. ري پبلڪ ورلڊ رپورٽ ڪيو آهي ته، ايران اعلان ڪيو آهي ته هڪ ڪروڙ چاليهه لک ماڻهو جنگ لاءِ قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن.
هاڻي 7 اپريل تي ڇا ٿي رهيو آهي:
سي اين اين جي تازي اپڊيٽ موجب، اسرائيلي فوج ايرانين کي خبردار ڪيو آهي ته “ريلوي لائينن ۽ ٽرينن جي ويجهو توهان جي موجودگي توهان جي جان لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي.” خليج ۾ اڄ (ڪالهه): سعودي عرب رات دوران ست بيلسٽڪ ميزائل روڪي ڇڏيا ۽ صبح وڌيڪ 18 ڊرون تباهه ڪيا. پاسداران سعوديه جي جُبيل پيٽروڪيميڪل ڪمپليڪس تي حملي جي دعويٰ ڪئي آهي. بحرين 9 ڊرون روڪي ڇڏيا. امارات فضائي دفاع ۾ مصروف آهي. ايراني ٻيٽ خارگ آمريڪي حملي جي نشاني تي آهي. دنيا هڪ طرح سان ٽين عالمي جنگ جي ڪناري تي بيٺي آهي.
هاڻي TACO جي ڳالهه ٻڌو:
وال اسٽريٽ تي هي اصطلاح مشهور آهي: “Trump Always Chickens Out” يعني ٽرمپ هميشه پوئتي هٽي ويندو آهي. فنانشل ٽائيمز جي رابرٽ آرمسٽرانگ مئي 2025 ۾ هي لفظ ٺاهيو. طريقو سادو آهي: ڌمڪي ڏيو، ڊيڄاريو، مارڪيٽ ڪري پوي، پوءِ پوئتي هٽو، فتح جو اعلان ڪريو، مارڪيٽ مٿي وڃي. لبريشن ڊي ٽيرف ۾ اهو ئي ٿيو. گرين لينڊ ۾ اهو ئي ٿيو. واپارين اهو نمونو سمجهي ورتو ۽ هر گهٽتائي تي خريد ڪري فائدو حاصل ڪيو.
پر ڪرسچن سائنس مانيٽر 6 اپريل تي لکيو ته ٽرمپ TACO جو ليبل هٽائڻ لاءِ بي چين آهي. هن پاڻ چيو: “جڏهن ايران جنگ بندي رد ڪئي ته مون حڪم ڏنو ته ايران جي سڀ کان وڏي پل تباهه ڪئي وڃي. ڏهن منٽن ۾ پل ختم ٿي وئي.” يعني هن ڀيري پوئتي نه هٽندس ….اهو پيغام ڏيڻ هو.
فارچون لکيو: “TACO ۾ هڪ لڪل مفروضو آهي ته ٻي ڌر به پينگھي مان لهڻ چاهي ٿي. اهڙو زخمي ايراني نظام، جنهن پنهنجي بقا کي عالمي معيشت کي يرغمال بڻائڻ سان ڳنڍيو آهي، اهو پينگھي مان نه لهندو.” سي اين اين تجزيي ۾ لکيو: “جنگيون ٽيرف نه آهن، جن کي ٽروٿ سوشل پوسٽ سان بند ڪري سگهجي. اصل سوال اهو آهي ته ڇا ٽرمپ هن جنگ مان نڪري به سگهندو؟” هف پوسٽ لکيو: “ٽرمپ TACO ڪري هن مان نه نڪري سگهندو. نه جنگ جو مقصد ٻڌائي سگهيو، نه ختم ڪرڻ جو منصوبو، نه آبنائي هرمز کولڻ جي تدبير.” ريزن ميگزين لکيو: “TACO تڏهن ڪم ڪندو آهي، جڏهن سامهون وارو به لهڻ چاهي. ايران نٿو چاهي.”
نيوزويڪ لکي ٿو ته ٽرمپ جا ووٽر ٽٽندا پيا وڃن۔ سي اين اين سروي موجب: 18 کان 34 سالن جا 80 سيڪڙو نوجوان ناخوش آهن۔ 73 سيڪڙو آزاد ووٽر ناراض آهن۔ پيٽرول ڇهه ڊالر کان مٿي آهي۔ ڪيٽو پنهنجي الڳ تجزيي ۾ لکيو ته ٽرمپ نظام ختم ڪرڻ چاهيو، پر نظام کي وڌيڪ سخت بڻائي ڇڏيو آهي۔ پاسدارانِ انقلاب جو اقتدار وڌي ويو آهي، نئون نسل وڌيڪ جنگجو بڻجي ويو آهي، انهن لاءِ هي جنگ وجودي آهي۔ سوفان سينٽر لکيو ته آمريڪي انٽيليجنس جو اندازو آهي: نظام قائم رهندو، پر وڌيڪ انتهاپسند ٿي ويندو۔ واشنگٽن پوسٽ ان جي تصديق ڪئي آهي۔
آمريڪي خبرن ۾ صدر جي ويجهن ذريعن جو بيان آهي ته صدر ٽرمپ ڪاوڙ ۾ ” چريو” ٿي ويو آهي۔ باقاعده لفظ “ميڊ ڊاگ” استعمال ڪيا ويا آهن.
هاڻي اسلام آباد معاهدو:
ايران عارضي جنگ بندي رد ڪري ڇڏي آهي۔ ايرنا ٻڌايو آهي ته ايران پاڪستاني اختيارين کي پنهنجو جواب ڏئي ڇڏيو آهي: مستقل جنگ بندي، پابندين جو خاتمو، ۽ علائقي جي ٻين جنگين جو خاتمو۔ ٽرمپ چيو: “ڪافي ناهي، پر اهم قدم آهي.” سينيئر وائيٽ هائوس عهديدار چيو: “صدر اڃا منظوري ناهي ڏني۔” پر رائٽرز موجب فيلڊ مارشل عاصم منير فون تي آهن۔ وينس، وٽڪاف ۽ عراقچي سان ڳالهيون جاري آهن۔ سفارتڪاري بند ناهي ٿي.
اڄ (ڪالھہ) رات اٺين وڳي آمريڪي ايسٽرن ٽائم موجب ٽرمپ جي آخري مهلت ختم ٿي رهي آهي۔
پر هڪ ڳالهه ياد رکو۔ ٽرمپ 21 مارچ تي 48 ڪلاڪن جي مهلت ڏني هئي۔ پوءِ ان کي وڌائي پنج ڏينهن ڪيو۔ پوءِ ڏهه ڏينهن ڪيو۔ 6 اپريل تي مهلت ختم ٿيڻ واري هئي، ان کي وڌائي 7 اپريل ڪيو ويو۔ هر ڀيري TACO۔ هر ڀيري مارڪيٽ مٿي هيٺ۔ هر ڀيري فتح جو اعلان۔
پر هاڻي فرق آهي۔
هاڻي ٽرمپ پاڻ TACO جو ليبل هٽائڻ چاهي ٿو۔ پل تباهه ڪري ثابت ڪيو آهي ته هي خالي ڌمڪي ناهي۔ ٻئي پاسي پاسدارانِ انقلاب چيو آهي ته جيڪڏهن بجلي گهرن تي حملو ٿيو ته سڄي علائقي جا بجلي گهر، پاڻي جا پلانٽ، ۽ تيل جون تنصيبات تباهه ڪيون وينديون ۽ آبنائي هرمز مڪمل طور بند ڪيو ويندو، ۽ ايراني بجلي گهرن جي ٻيهر تعمير تائين نه کوليو ويندو۔ ابوظهبي جو اسٽارگيٽ مصنوعي ذهانت مرڪز نشاني تي آهي۔ 18 آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپنيون نشاني تي آهن۔ باب المندب بند ڪرڻ جي ڌمڪي اڳ ئي ڏني وئي آهي۔
اڄ رات کان پوءِ ٻه ئي منظرناما آهن:
پهريون: ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر TACO ڪري ٿو، مهلت وڌائي ٿو، فتح جو اعلان ڪري ٿو ۽ سفارتڪاري جاري رهي ٿي۔ هي منظرنامو دنيا لاءِ بهتر آهي، پر ٽرمپ لاءِ سياسي طور مشڪل آهي، ڇو ته هر TACO سان سندس ساک گهٽجي ٿي ۽ ايران جو حوصلو وڌي ٿو۔
ٻيو: ٽرمپ هن ڀيري واقعي حملو ڪري ٿو۔ بجلي گهر، پل، بنيادي ڍانچو تباهه۔ نوي لک ماڻهو اونداهي ۾۔ اسپتالون بند۔ پاڻي بند۔ پاسدارانِ انقلاب جوابي حملا شروع ڪن ٿا۔ خليج جا بجلي گهر نشاني تي۔ پاڻي صاف ڪرڻ وارا پلانٽ نشاني تي۔ اسٽارگيٽ نشاني تي۔ باب المندب بند۔ تيل ٻه سئو ڊالر۔ عالمي ڪساد بازاري۔
هڪ ٽيون منظرنامو به آهي، جنهن جو ڪو ذڪر نٿو ڪري، پر اهو سڀ کان وڌيڪ ممڪن آهي: آخري لمحي ۾ اسلام آباد معاهدي جو ڪو ترميم ٿيل مسودو سامهون اچي ٿو، جنهن کي ٻئي ڌريون “ها” چوڻ بدران “نه، نه” چوڻ بند ڪري ڇڏين ٿيون۔ نه باقاعده معاهدو ٿئي ٿو، نه پاور پلانٽ ڊي۔ هڪ ڌنڌلو وقفو پيدا ٿئي ٿو، جنهن کي ٻنهي طرفن کان فتح جو نالو ڏنو وڃي ٿو۔
ٽرمپ چوي ٿو: “مون کٽي ورتو.”
ايران چوي ٿو: “اسان مزاحمت ڪئي.”
آبناء هرمز جزوي طور کلي ٿي۔ تيل جون قيمتون هيٺ اچن ٿيون۔ بمباري گھٽ ٿي وڃي ٿي، پر بند نٿي ٿئي۔ جنگ ختم نٿي ٿئي، پر ان جي شدت گهٽجي وڃي ٿي۔
“اڄ رات هڪ پوري تهذيب مري ويندي،” ٽرمپ چيو آهي۔
“اسان جو جواب علائقي کان ٻاهر تائين ويندو،” پاسدارانِ انقلاب چيو آهي۔
هڪ پاسي هر شيءِ ساڙڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن۔ ٻئي پاسي هر شيءِ مٽائڻ جون۔ ۽ وچ ۾ هڪ مسودو آهي، جنهن جو نالو “اسلام آباد معاهدو” آهي۔ ان مسودي جي هڪ پاسي امن آهي، ٻي پاسي ڀنڀٽ آهي۔
گھڙي ٽڪ ٽڪ ڪري رهي آهي۔