| ٽي آر جي پي ۾ چونڊون ڪرائڻ وارو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ٽي آر جي پي، ٽي آر جي آءِ ۽ گرين ٽري هولڊنگ ڪمپني جون اپيلون رد ڪندي مختصر فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جنهن ۾ ڪيس دوران ٿيندڙ خرچ ڪمپني کي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. عدالت ٽي آر جي پي ۾ چونڊون ڪرائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس نعيم اختر افغان جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ فيصلو جاري ڪيو، جڏهن ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽي آر جي پي جي ڊائريڪٽرن جي چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو هو ته ڪمپني جي پئسن سان شيئر خريد ڪري پاڻ کي ووٽ ڏيڻ وارن ڊائريڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.