تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ٽي اهم ڪتاب … ادل سومرو

آمريڪا ۽ ڪئنيڊا جي اصلي رھاڪن جي ڳولا
نامياري قانوندان ۽ ليکڪ شبير شر جو تازو سفر نامو آمريڪا ۽ ڪئنيڊا جي اصلي رھاڪن جي ڳولا سوکڙي طور مليو آھي، جنھن لاءِ شبير شر جو ٿورائتو آھيان. ليکڪ ھن ڪتاب ۾ جون جولاءِ 2019 ۾ ڪيل آمريڪا ۽ ڪئنيڊا جي سفر جو احوال ڪيو آھي. سانا ڪنوينشن جي افتتاحي اجلاس، ادبي ڪانفرنس کان وٺي نياگرافال، ملٽن ٽائون، مونٽريال، نيو يارڪ ۽ واشنگٽن سان لاڳاپيل ماڳن ۽ دوستن جو ذڪر ليکڪ سادي مگر دلچسپ انداز ۾ ڪيو آھي. وائيس آف آمريڪا ۾ پنھنجي لائيو پروگرام جي تذڪري سان گڏ ليکڪ پياري جاويد ڀٽي جي وني نفيسه ھودٻائي سان ٿيل ڪچھرين جو ذڪر اھڙي انداز سان ڪيو آھي جو جاويد ڀٽي جو درد وري تازو ٿي وڃي ٿو. مخلص دوستن علي حسن ڀٽي، نعمت کوسي، ذاڪر بلي، ذوالفقار علي خاصخيلي ۽ ممتاز شر جي محبتن کي ليکڪ اھڙي انداز سان اظھاريو آھي جو اھي چھرا اکين آڏو ڦري اچن ٿا. شبير شر جو جيل ياترا بابت ڪتاب ”ڊانڊرس قيديءَ جي ڊائري“ اڳ ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي چڪو آھي. انکانسواءِ ”يورپ جو سفر“ ۽ ھاڻي ھي ڪتاب به ليکڪ جي انفرادي تحريري انداز جو مظھر آھن جو ھو غير ضروري پٽاڙ کان پاسو ڪري ٿو. پنھنجي دل جي ڳالهھ مصلحتن حوالي ڪرڻ بجاءِ کري ڳالهھ ڪري ٿو، ڪوبه رک رکاءُ نٿو ڪري. سندس اھو لھجو کيس ٻين کان الڳ بيھاري ٿو. سفر نامو اوھان کي ضرور پسند ايندو.
جرڪندڙ جسم ،اداس راتيون
اڄ جي ھمعصر ڪھاڻيڪارن ۽ ناول نگارن ۾ ابراھيم کرل پنھنجي منفرد انداز، اظھار جي بيباڪي، مشاھدي جي سگهھ ۽ شاندار ٻوليءَ ۽ لھجي جي ڪري پنھنجي ڌار سڃاڻپ ڪرائي آھي، جنھن ۾ ھن جي سالن جو تخليقي سفر ۽ پنھنجي ٻوليءَ سان محبت ۽ وابستگي شامل آھي. سندس لکيل ٽيليويزن لاءِ ڊراما ھن جي تخليقي رياضت ۾ مددگار ثابت ٿيا آھن ۽ ھن جي قلم جي سگهھ اھو ثابت ڪري ڏيکاريو آھي ته ھو ڪھڙي به وقت جنھن به موضوع تي چاھي ڀرپور انداز سان لکي سگھي ٿو. ھو شھري توڙي ڳوٺاڻي ماحول جي ڪردارن جي نفسيات، انھن جي روين ۽ ٻوليءَ کي بيان ڪرڻ ۾ ھڪجيتري مھارت رکي ٿو، جنھن جو مثال ماءَ پبليڪيشن سکر پاران شايع ٿيل سندس تازو ناول ”جرڪندڙ جسم ،اداس راتيون“ آھي. ان کان اڳ ”کجين جي ديس جا ماڻھو“ ناول ۽ هاڻي ھن ناول به ابراھيم کرل جي تخليقي سڃاڻپ کي اڃان به مٿڀرو ڪيو آھي. رشتن ناتن جي چالاڪين ۽ منافقين کي ھو جنھن انداز سان بيان ڪري ٿو ان کي ساراھڻ کانسواءِ رھي نٿو سگھجي ۽ سندس انسان شناسيءَ جو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو. ليکڪ پنھنجن ڪردارن وسيلي اھو ويساھ ضرور ڏياري ٿو ته ٺڳيءَ، چالاڪيءَ ۽ حرامپائين وسيلي سماجي سطح تي زماني جي حساب سان ڪي انسان بظاھر ڪاميابيون ماڻيندي نظر اچن ٿا پر سچي سوڀ ۽ عزت انھن ڪردارن جي آھي، جيڪي چڱائيءَ جي واٽ تي آھن. ڪھاڻي يا ناول جا ڪردار اسان جي آسپاس ئي موجود ھوندا پر انھن کي ڳولي نروار ڪرڻ ۽ انھن جي چڱاين يا مداين کي آرٽسٽڪ اڻت وسيلي بيان ڪرڻ ھڪ سڄاڻ تخليقڪار جي فن جو ڪمال آھي ۽ ابراھيم کرل ھن ناول وسيلي ائين ڪري ڏيکاريو آھي. ھمعصر ادب جي اثرن کان آجو ٿي ابراھيم کرل پنھنجي منفرد سڃاڻپ جو ڪارڊ کڻي اڳتي وڌي رھيو آھي.
سنڌي ناول جو سفر
سنڌي ٻوليءَ جي نامور ۽ منفرد تخليقڪار ممتاز بخاريءَ جو سنڌيڪا اڪيڊميءَ پاران ڇپيل تازو ڪتاب ”سنڌي ناول جو سفر“ مواد جي اعتبار کان نئين انداز سان پڌرو ٿيو آھي. ممتاز بخاريءَ جو ھيءَ مطالعو ڪنھن سند يا ڊگريءَ جي حاصلات لاءِ نه پر سندس دلي خواھش ۽ تڙپ جو نتيجو آھي. سنڌي ادب کي پنڌرھن کان مٿي ڪتاب ارپيندڙ ممتاز بخاريءَ جو ھي اڀياس ناول جي موضوع تي اڳ ٿيل تحقيق جي ڀيٽ ۾ منفرد ۽ اڳڀرو آھي جو ان ۾ ڪجهھ اھڙا عنوان به شامل آھن جن ڏانھن اڳ ۾ محققن ۽ نقادن ڌيان نه ڏنو آھي. مثال طور ٻارن لاءِ سنڌي ناول، انگريزي ۽ يورپ جي ناول جو سنڌي ناول تي اثر، انکانسواءِ، انگلينڊ، روس، آمريڪا، ليٽن آمريڪا، بنگال جي ناولن جو مطالعو اھي اھڙا عنوان آھن جن جي روايتي تحقيق ۾ گنجائش نه رھي آھي. ممتاز بخاريءَ لڪير جي فقير وارو گس مٽائي پنھنجو رستو اختيار ڪيو آھي ۽ سنڌي ادب ۾ ناول جي حوالي سان موجود مغالطن جي ڀرپور ڇنڊڇاڻ ڪري ايندڙ وقت جي ادب جي شاگردن ۽ پڙھندڙن کي ذھني مونجھارن کان بچايو آھي. ھن ڪتاب جو ھڪ اھم باب دنيا ۾ ناول تان ”مرداڻي ھڪ ھٽي ختم – عورت ناول نگارن جي ھاڪ“ به آھي جيڪو اسان کي نئين ۽ تازي ڄاڻ مھيا ڪري ٿو. ممتاز بخارئ جو ھي ڪتاب اسان جھڙن نالي چڙھيلن پروفيسرن ۽ ڊاڪٽرن کي اھو احساس ڏياري ٿو ته تحقيق جھڙي خشڪ موضوع ۾ ھن انداز سان به تازگي ۽ نواڻ پيدا ڪري سگھجي ٿي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *