ٽي ايل پي جو مارچ : چڪريون: شيلنگ: فائرنگ: ڪارڪن مارجي ويو: 3 سپاهين سوڌو 6 زخمي
آڪٽوبر 14, 2024
ڪراچي: مذهبي تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان طرفان پريس ڪلب ڏانهن مارچ جي ڪوشش چڪريون: پٿراءُ: شيلنگ: هوائي فائرنگ: ڪارڪن فوت: 3 سپاهين سوڌو 6 زخمي، ان ڏس ۾ ٽي ايل پي جي ڪينٽ اسٽيشن کان نڪتل مارچ کي پوليس ۽ رينجرز جي وڏن اٽالن ميٽروپول وٽ روڪيو ته چڪريون ٿيون، پوليس موجب مڇريل ڪارڪنن پوليس مٿان پٿراءُ ۽ فائرنگ ڪئي، پوليس موبائيل کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. مڇريل ڪارڪنن جي پٿراءُ سبب 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، موٽ ۾ پوليس طرفان شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. چڪرين دوران ٽي ايل پي جو ڪياماڙي سان تعلق رکندڙ هڪ ڪارڪن محمد ساجد عزيز مارجي ويو، ٽي ايل پي موجب سندن 3 کان وڌيڪ ڪارڪن زخمي پڻ ٿيا. پوليس شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ ڪري ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. هوڏانهن مارجي ويل ڪارڪن جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي وڏي انگ ۾ ڪارڪن پهچي ويا