ٽي ايم سي جي رٽائرڊ ملازمن کي پينشن جي ادائيگي شروع

ٽي ايم سي جي رٽائرڊ ملازمن کي پينشن جي ادائيگي شروع

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٽي ايم سي جي رٽائرڊ ملازم کي پينشن ۽ رهتون نه ملڻ خلاف ڪيس، ڪي ايم سي پنهنجي تفصيلي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٽائون ميونسپل ڪميٽي جي رٽائرڊ ملازم کي پينشن ۽ ٻين مالي رهتن جي عدم ادائيگي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڪي ايم سي جي وڪيل بئرسٽر اسد احمد چيو ته عدالت جي حڪمن مطابق درخواستگذار سميت 1270 رٽائرڊ ملازمن کي پينشن جي ادائيگي باقاعده شروع ڪئي وئي آهي ۽ 699 رٽائرڊ ملازمن جا ڪيس آخري مرحلي ۾ آهن، وڪيل چيو ته آڊٽ ڊپارٽمينٽ جي رپورٽ ملڻ بعد ئي انهن کي پينشن جاري ڪئي ويندي، مختلف ٽائونز طرفان 156 ملازمن جا تفصيل اڃا تائين فراهم نه ڪيا ويا آهن، جنهن سبب ڪيس التوا ۾ آهن، ناڻي کاتي گذريل آڪٽوبر ۾ 20 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا هئا، جيڪي رٽائرڊ ملازمن جي پينشن لاءِ استعمال ڪيا ويندا، رٽائرڊ ملازمن کي گريجوئٽي ۽ گڏيل ادائيگي لاءِ فنڊ  ناڻي کاتي اڃا تائين فراهم نه ڪيا آهن، وڪيل چيو ته گريجوئٽي ٻين معاملن لاءِ 5 ارب 73 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم گهرجي، ڪي ايم سي طرفان ميونسپل ڪمشنر 2023 کان رٽائرڊ ٿيندڙ 2125 ملازمن جي گريجوئٽي جي ادائيگي لاءِ ناڻي کاتي کي فنڊ جاري ڪرڻ بابت سرڪار کي خط لکيو آهي.