| ٽي ٽوئنٽي سيريز: 5 اوورن ۾ رڪارڊ 87 رنسون، ڪاري آنڌي 207 جو پيڇو ڪندي ٿاٻڙجي پئي، 3 رنسن تي شڪست، ڪيويز جو پلاند |
آڪلينڊ (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز کي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ هدف جي پيڇي دوران آخري 5 اوورز ۾ 87 رنس ٺاهڻ باوجود شڪست ملي وئي، رومان پائول جي مزاحمتي اننگز لڙهي وئي. آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي نيوزيلينڊ کي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو موقعو ڏنو. نيوزيلينڊ مارڪ چپمين جي 28 بالن تي 78 رنسن جي جارحاڻي اننگز سبب 20 اوورز ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 207 رنسون ٺاهيون. ٽم رابنسن 39 رنسن سان ٻيون نمايان بيٽسمن رهيو، ڊيرل مچل 28 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. روسٽن چيز 2 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته ميٿيو فورڊ، جيسن هولڊر ۽ روماريو شيفرڊ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، هدف جي پيڇو ڪندي ويسٽ انڊيز مقرر 20 اوورز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 204 رنسون ٺاهي سگھي. رومن پاول 16 بالن تي 45 رنسن جي شاندار اننگز کيڏيو، پر پنهنجي ٽيم کي فتح نه دلائي سگھيو. روماريو شيفرڊ 34، ايلڪ اتھاناز 33 ۽ ميٿيو فورڊ ناٽ آئوٽ 29 رنسن سان نمايان رهيا. ايش سوڍي ۽ مچل سينٽنر 3،3 وڪٽون حاصل ڪيون، جيڪب ڊفي ۽ ڪائل جيميسن هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ٻي ٽي ٽوئنٽي کٽڻ بعد نيوزيلينڊ پنجن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ورتي آهي، پهرين مقابلي ۾ ويسٽ انڊيز 7 رنسن تان ڪاميابي ماڻي هئي، سيريز جي ٽِين ميچ نوَ نومبر آچر ڏينهن نيلسن ۾ کيڏي ويندي