ٽي ٽونٽي عالمي رينڪنگ: بالنگ ۾ ابرار احمد ٻئي ۽ بيٽنگ ۾ صاحبزادا فرحان ٽئين نمبر تي اچي ويا

ٽي ٽونٽي عالمي رينڪنگ: بالنگ ۾ ابرار احمد ٻئي ۽ بيٽنگ ۾ صاحبزادا فرحان ٽئين نمبر تي اچي ويا

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) ٽي-20 بيٽنگ رينڪنگ ۾ پاڪستان جو اوپنر صاحبزاده فرحان 848 ريٽنگ پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي موجود آهي آءِ سي سي جي تازي ٽي-20 رينڪنگ ۾ پاڪستان جو ليگ اسپنر ابرار احمد هڪ درجو ترقي ڪري دنيا جو ٻيو نمبر بهترين بالر بڻجي ويو آهي. اربع ڏينهن جاري ٿيل رينڪنگ موجب، ابرار احمد بھارت جي ورون چڪرورتي کي پٺتي ڇڏيندي 736 ريٽنگ پوائنٽس سان ٻي پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته افغانستان جو راشد خان 753 پوائنٽس سان گڏ بدستور پهرين نمبر تي موجود آهي. پاڪستان جي ٻين بالرن ۾ محمد نواز 12هين، سلمان مرزا 20هين ۽ شاهين شاهه آفريڊي 602 ريٽنگ پوائنٽس سان 30هين نمبر تي برقرار آهن. ٽي-20 بيٽنگ رينڪنگ ۾ پاڪستان جو اوپنر صاحبزاده فرحان 848 ريٽنگ پوائنٽس سان گڏ ٽئين نمبر تي موجود آهي ۽ هو پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ رينڪنگ رکندڙ بيٽر آهي. جڏهن ته ڀارت جو ايسان ڪشن ٻيهر پهرين نمبر تي اچي ويو آهي ۽ سندس هم وطن ابيشيڪ شرما هڪ درجو تنزلي کانپوءِ ٻئي نمبر تي هليو ويو آهي. پاڪستان جي ٻين بيٽرن ۾ صائم ايوب 40هين، بابر اعظم 42هين ۽ ٽي-20 ڪپتان سلمان علي آغا 44هين نمبر تي آهن. ٽي-20 آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ صائم ايوب ٽئين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته زمبابوي جو سڪندر رضا پهرين ۽ ڀارت جو هاردڪ پانڊيا ٻئي نمبر تي موجود آهن. ٽيسٽ بيٽنگ رينڪنگ ۾ محمد رضوان هڪ درجو ترقي بعد 18هين ۽ بابر اعظم 19هين نمبر تي پهچي ويا آهن. سعود شڪيل 23هين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته سلمان علي آغا ٻه درجا تنزلي بعد 28هين نمبر تي اچي ويو آهي. ٽيسٽ بالرن ۾ نعمان علي پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ رينڪنگ رکندڙ بالر آهي ۽ هو ستين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته شاهين شاهه آفريڊي ۽ محمد عباس ٻه ٻه درجا ترقي بعد بالترتيب 25هين ۽ 26هين نمبر تي پهچي ويا آهن.