| ٽي ٽي پي، داعش، القاعده ۽ ٻيا دهشتگرد گروهه افغانستان مان حملا پيا ڪن: سلامتي ڪائونسل جي رپورٽ |
نيويارڪ(م ڊ) سلامتي ڪائونسل جي رپورٽ ۾ دهشتگرد گروهن طرفان افغان سرزمين کي پاڪستان تي حملا ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪرڻ واري افغان طالبان جي دعويٰ رد ڪئي وئي آهي. سلامتي ڪائونسل جي تجزياتي مددگار ۽ پابندين جي نگراني ڪندڙ ٽيم جي 16 هين رپورٽ ۾ افغان طالبان جي ان دعويٰ کي ”غيرمعتبر“ قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته علائقي جا ملڪ افغانستان کي وڌندڙ علائقائي عدم استحڪام جو ڳڙهه سمجهڻ لڳا آهن ۽ ڪيئي ميمبر ملڪن آگاهه ڪيو آهي ته داعش خراسان، تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي)، القاعده، ترڪستان اسلامي پارٽي، انصار الله ۽ ٻيا دهشتگرد گروهه افغانستان ۾ سرگرم آهن ۽ ڪجهه پرڏيهي حملن جي رٿابندي به ڪري رهيا آهن. رپورٽ موجب القاعده جا طالبان سان ويجها رابطا آهن، جڏهن ته داعش خراسان طالبان جو اهم مخالف گروهه سمجهيو وڃي ٿو. رپورٽ ۾ سڀ کان وڏو علائقائي خطرو ٽي ٽي پي کي قرار ڏنو ويو آهي، جيڪا افغانستان مان ڪارروائيون ڪري رهي آهي. رپورٽ موجب طالبان قيادت ۾ ان معاملي تي اختلاف آهي، ڪجهه سينيئر ميمبر ٽي ٽي پي کي پاڪستان سان لاڳاپن لاءِ نقصانڪار سمجهن ٿا، جڏهن ته ڪجهه اڃا به ان جي حمايت ڪن ٿا. گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽي پي 2025 ۾ پاڪستان ۾ 600 حملا ڪيا، جن ۾ گهڻي ڀاڱي آپهگاتي بمبار افغان شهري هئا. رپورٽ موجب پاڪستان به دهشتگردي جي خاتمي واري شعبي ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي، جن ۾ داعش خراسان جي ترجمان سلطان عزيز اعظم ۽ ٻين اهم شدت پسندن جي گرفتاري شامل آهي.
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته افغانستان دهشتگرد عنصرن جي موجودگي جي ڪري علائقي جي امن ۽ سلامتي لاءِ وڏو خطرو آهي ۽ گڏيل قومن جي رپورٽ پاڪستان جي موقف جي واضح تائيد ڪري ٿي. هفتيوار پريس بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو ته افغانستان ۾ دهشتگرد عنصرن جي موجودگي بابت مضبوط ثبوت موجود آهن، دهشتگردن کي افغان سرزمين تي سهائتا ملڻ جا پختا ثبوت آهن، پاڪستان کي دهشتگرد عنصرن جي حمايت بابت انساني ۽ ٻين انٽيليجنس ذريعن وٽان ڄاڻ ملندي رهي ٿي، دهشتگردن جو انگ، نالا ۽ مالي مدد بابت اعتبار لائق رپورٽون موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ سفارتي چينلز فعال آهن، ٻنهي ملڪن جا سفير پنهنجي پنهنجي راڄڌانين ۾ موجود آهن، ٻطرفا معاملا سفارتي ذريعن وسيلي بحث هيٺ ايندا رهن ٿا. هن چيو ته ايران ۾ ٿيل علائقائي معاملن بابت گڏجاڻي ۾ دهشتگرد عنصرن جي موجودگي تي ڳالهه ٻولهه ٿي ، هن چيو ته افغانستان ۾ دهشتگرد عنصرن جي موجودگي علائقي جي امن ۽ سلامتي لاءِ وڏو خطرو آهي جيڪا افغانستان ۾ اندروني استحڪام ۽ ترقي جي ڪوششن کي به نقصان پهچائي رهي آهي دهشتگرد پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهن.