ٽي ٽي پي جو انتهائي گهربل دهشتگرد ڪمانڊر ظفري ساٿين سميت مارجي ويو

جُون 18, 2023

دره آدم خيل( م ڊ) سيڪيورٽي فورسز جي دهشتگردن خلاف وڏي ڪارروائي، دره آدم خيل ۾ ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان سان تعلق رکندڙ انتهائي گهربل دهشتگرد ڪمانڊر ظفر عرف ظفري گروپ سميت مارجي ويو

 ان ڏس ۾  16 ۽ 17 جون جي وچ ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ظفر عرف ظفري سان گڏ مارجي ويل ٻن دهشتگردن جي سڃاڻپ حسن خان ولد محمد عمران ۽ انس عرف علي طور ٿي آهي

 مارجي ويل دهشتگرد ظفري دره آدم خيل جي ڳوٺ ملان جو رهواسي هو. دهشتگرد 22 مئي 2023ع تي افغانستان جي صوبي ننگرهار کان پشاور پهتو هو

 جيڪو تحريڪ طالبان افغانستان جو اڳوڻو ميمبر پڻ هو. ظفري پاڪستان ۾ 26 گرنيڊ حملن، سيڪيورٽي فورسز، ڪوئلي جي ٺيڪيدارن ۽ واپارين تي حملن ۾ ملوث هو

دهشتگرد ظفري ڀتا خوري ۽ اغوا جي وارداتن ذريعي 100 ملين کان وڌيڪ رقم به چوري ڪئي هئي

مارجي ويل دهشتگرد حسن خان اسنائپنگ ۽ گرنيڊ حملن جو ماهر هو. حسن خان 2019ع کان 2021ع تائين تحريڪ طالبان افغانستان جو حصو هو. 2022ع ۾ طارق گيدڙ گروپ ۾ شامل ٿيو

 انس 2018ع کان هڪ ماهر سنائپر طور اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هو. مقامي ماڻهن جو دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي ادارن سان سهڪار جاري آهي.

Leave A Comment