ٽي پي ايل جو فائنل ڪوهستان ايگلز کٽي ورتو

ٽي پي ايل جو فائنل ڪوهستان ايگلز کٽي ورتو

ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) ٿاڻوبولاخان پريميئر ليگ جو فائنل ڪوھستان ايگلز کٽي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي. ميچ ۾ ڪوھستان ايگلز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 8 اوورن ۾ 150 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جنهن جي جواب ۾ ڪوھستان ليجنڊز ٽيم مقرر 8 اوورن ۾ 120 رنسون ٺاهي سگهي. ايگلز 30 رنسن تان فائنل ميچ کٽي ورتي. فائنل ڏسڻ لاءِ شائقينِ ڪرڪيٽ جو وڏو انگ گرائونڊ ۾ موجود هو، جن رانديگرن جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي. فائنل جي موقعي تي شاندار انعامي تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سماجي شخصيت محمد حسين خاصخيلي، موھن مل ليماڻي ۽ مڪيش ڪمار خصوصي مهمان طور شرڪت ڪئي تقريب دوران کٽيندڙ ۽ هارائيندڙ ٽيم کي ٽرافيون ۽ ڪيش انعام ڏنا ويا. فائنل ميچ ۾ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ملڪ سڪندر خان طرفان آرگنائيزر ڪميٽي لاءِ 50 هزار، ونر ٽيم لاءِ 30 هزار ۽ رنر اپ ٽيم لاءِ پڻ 30 هزار روپيا ڪيش انعام ڏنو ويو. اعزازي مهمان موھن مل ليماڻي ۽ مڪيش ڪمار آرگنائيزر ڪميٽي کي 25 هزار، ونر ٽيم کي 15 هزار ۽ رنر اپ ٽيم کي 10 هزار روپيا ڪيش انعام ڏنو. مين آف دي ميچ، بيسٽ بالر ۽ ٻين رانديگرن لاءِ 70 هزار روپين کان وڌيڪ ڪيش انعام پڻ ورهايا ويا.