ٽي 10 ليگ ۾ دڪن گليڊيئيٽرز رائل چيمپس کي هارائي ڇڏيو

ٽي 10 ليگ ۾ دڪن گليڊيئيٽرز رائل چيمپس کي هارائي ڇڏيو

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) ابو ظهبي ٽي ٽين ليگ ۾ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي. جڏهن ته ڊيوڊ ويزي دڪن گليڊيئيٽرز کي ڪامياب ڪرايو. رپورٽن موجب شاهنواز ڏاهاڻي آخري اوور ۾ 8 رنسن جو ڪاميابي سان دفاع ڪندي پنهنجي ٽيم کي 4 رنسن تان ڪاميابي ڏياري، هن آخري اوور ۾ ٻه وڪيٽون پڻ ورتيون. فاسٽ بالر مجموعي طور ٻن اوورن ۾ 10 رنسون ڏنيون ۽ ٻه شڪار ڪيا. ٻئي طرف رائل چيمپس ۽ دڪن گليڊيئيٽرز جي ميچ ۾ رائل 133 رنسون ٽن وڪيٽن تي ٺاهيون. جواب ۾ گليڊيئيٽرز جي ٽيم ويزي جي 59 ۽ مارڪس اسٽوئنس جي 40 رنسن جي مدد سان ٽيم کي 8 وڪيٽن تان ڪاميابي ڏياري.