ٽي 20 ورلڊڪپ جي تياري: پاڪستان ۽ آسٽريليا جي سيريز پڪي، رڳو لاهور ميزبان

ٽي 20 ورلڊڪپ جي تياري: پاڪستان ۽ آسٽريليا جي سيريز پڪي، رڳو لاهور ميزبان

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ آسٽريليا خلاف هوم سيريز لاءِ شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا جي پاڪستان دوري جي تصديق ڪندي 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي شيڊيول جو اعلان ڪيو آهي. پهرين ميچ 29 جنوري، ٻي 31، جڏهن ته ٽين ۽ آخري پهرين فيبروري تي کيڏي ويندي، سڀني ميچن جي ميزباني لاهور جو قذافي اسٽيڊيم ڪندو. واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان شروع ٿيندو.