| ٽي 20 ورلڊڪپ: پاڪ ڀارت ٽاڪرو 15 فيبروري تي، فائنل احمدآباد يا ڪولمبو |
دبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 جا گروپ ۽ پاڪستان-ڀارت ميچ جا تفصيل پڌرا ٿي ويا آهن. ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان 8 مارچ تائين کيڏيو ويندو، جنهن جو شيڊول باضابطه طور تي 25 نومبر تي ايندو. 20 ٽيمن کي 4 گروپن ۾ ورهايو ويندو، هر گروپ مان 2 ٽيمون سپر 8 اسٽيج لاءِ ڪواليفائي ڪنديون، جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون هڪ گروپ ۾ شامل ڪيون وينديون، جن جي وچ ۾ ميچ 15 فيبروري تي ڪولمبو ۾ ٿيندي. هالينڊ، نميبيا ۽ آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت جي گروپ ۾ هوندا. گڏيل ميزبان سريلنڪا جي گروپ ۾ آسٽريليا، زمبابوي، آئرلينڊ ۽ عمان جي هجڻ جو امڪان آهي. انگلينڊ، ويسٽ انڊيز، بنگلاديش، نيپال ۽ اٽلي جي هڪ گروپ ۾ اچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا، نيوزي لينڊ، افغانستان، يو اي اي ۽ ڪيناڊا جي هڪ گروپ ۾ ٿي سگهن ٿا. هندستان ۾ ميچون ممبئي، ڪولڪتا، چنائي، دهلي ۽ احمد آباد ۾ کيڏيون وينديون، جڏهن ته سريلنڪا ۾ ميچ ڪولمبو ۽ ڪينڊي ۾ ٿينديون. پاڪستان پنهنجون ميچون سريلنڪا ۾ کيڏيو ويندو. هندستاني شهر احمد آباد کي فائنل لاءِ چونڊيو ويو آهي، پر جيڪڏهن پاڪستان فائنل ۾ پهچي ٿو ته فائنل ڪولمبو ۾ ٿيندو. ممبئي ۽ ڪولڪتا کي سيمي فائنل لاءِ چونڊيو ويو آهي، جنهن جو دارومدار سيمي فائنلسٽ ٽيمن تي هوندو جيڪڏهن پاڪستان سيمي فائنل ۾ پهچي ٿو ته سيمي فائنل سريلنڪا ۾ کيڏيو ويندو.