| ٽي 20 ورلڊڪپ ۽ آسٽريليا خلاف سيريز لاءِ آفريدي جي واپسي جو امڪان |
لاهور (اسپورٽس نيوز) ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۽ آسٽريليا خلاف هوم سيريز لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان هلندڙ هفتي ٿيڻ جو امڪان آهي. هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن سريلنڪا جي دوري جي آخر ۾ لاهور پهچي رهيو آهي. ٽي 20 اسڪواڊ جا ميمبر به واپس اچي ويا آهن. هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن ۽ ڪپتان سلمان علي آغا سليڪٽرز سان آخري صلاح مشورا ڪندا. چيئرمين محسن نقوي جي منظوري سان اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويندو. امڪاني رانديگرن ۾ ڪپتان سلمان علي آغا، صاحبزاده فرحان، صائم ايوب، فخر زمان، شاداب خان، بابر اعظم، فهيم اشرف، محمد نواز، عثمان خان ۽ ابرار احمد شامل آهن. شاهين آفريدي، نسيم شاهه، حارث رئوف، سلمان مرزا ۽ خواجه نافع جا نالا به ممڪن رانديگرن ۾ شامل آهن، جڏهن ته عبدالصمد، محمد وسيم جونيئر ۽ عثمان طارق کي ريزرو رانديگرن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.