ڪابل (اسپورٽس نيوز) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ ٿيندڙ ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ورلڊ ڪپ کان اڳ يو اي اي ۾ ويسٽ انڊيز خلاف ٽن ميچن جي ٽي 20 سيريز لاءِ ساڳئي اسڪواڊ کي برقرار رکيو ويو آهي. آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ افغان ٽيم جي اڳواڻي راشد خان ڪندو، جنهن ۾ ابراهيم زردان نائب ڪپتان هوندو، جڏهن ته ٻه وڪيٽ ڪيپر، رحمان الله گرباز ۽ محمد اسحاق شامل ڪيا ويا آهن.انهن کان علاوه ٻين رانديگرن ۾ صديق الله اتل، درويش رسولي، شاهد الله ڪمال، عظمت الله عمرزئي، گلبدين نائب، محمد نبي، نور احمد، مجيب ارحمان، نوين الحق، فضل الحق فاروقي ۽ عبدالله احمد زئي شامل آهن.افغان ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف ٽن ميچن جي ٽي 20 سيريز ۽ آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ ٽن ريزرو رانديگرن جي نالن جو به اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ اي ايم غضنفر، اعجاز احمد زئي ۽ ضياءُ ارحمان جا نالا شامل آهن.