ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ سريلنڪن ٽيم ۾ وڏي تبديلي ڪئي وئي آهي. سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ (سريلنڪا ڪرڪيٽ) طرفان داشن شاناڪا کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پڄاڻي تائين ٽيم جو ڪپتان برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اڳوڻي ڪميٽي طرفان چونڊيل 25 رڪني شروعاتي اسڪواڊ کي برقرار رکيو ويو. هن چيو ته شاناڪا کي هڪ آل رائونڊر طور رکيو ويو آهي ۽ ٽيم ۾ سندس ڪردار تي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.