ٽي 20 ورلڊ ڪپ کان اڳ ڀارت جون 10، آفريڪا جون 8 ميچون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ کان اڳ ڀارت جون 10، آفريڪا جون 8 ميچون

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ 2026ع کان اڳ فل ميمبر ملڪن جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن. ورلڊڪپ کان اڳ هاڻ ڪنهن به فل ميمبر ٽيم جي وڌيڪ ڪنهن سيريز جو امڪان ختم ٿي ويو آهي. پاڪستان ٽيم عالمي ڪپ کان اڳ 6 ميچون کيڏندي، جنوري ۾ گرين شرٽس ٽي ميچون سريلنڪا ۾ کيڏندي ۽ 3 ميچون هوم گرائونڊ تي آسٽريليا خلاف شيڊيول آهن. افغانستان، بنگلاديش، آئرلينڊ ۽ زمبابوي ورلڊڪپ کان اڳ ڪا به ميچ نه کيڏيندا. انگلينڊ جون جنوري ۾ سريلنڪا ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون رٿيل آهن. ڀارتي ٽيم هوم گرائونڊ تي ڏکڻ آفريڪا خلاف پنج ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي رهي آهي، جنوري ۾ نيوزيلينڊ سان 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي هوم سيريز کيڏندي، جڏهن ته 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ ويسٽ انڊين ٽيم ڏکڻ آفريڪا جو دورو ڪندي. ڊسمبر–جنوري ۾ ڀارتي ٽيم سڀ کان وڌيڪ 10 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي، ڏکڻ آفريڪي ٽيم کي 8 ميچون کيڏڻ جو موقعو ملي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ٽيم ورلڊڪپ کان اڳ 6 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي.

ميزبان سريلنڪن ٽيم به هوم گرائونڊ تي 6 ميچون کيڏندي ۽ نيوزيلينڊ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي. آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز کي 3، 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون ملنديون.