| ٽي 20 ورلڊ ڪپ کيڏون يا نه؟ بنگلاديش کي آءِ سي سي جواب جو انتظار |
ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ سيڪيورٽي سببن جي ڪري هندستان ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ نه ڪرائڻ جي معاملي تي آءِ سي سي کي خط لکڻ کان پوءِ جواب جو انتظار ڪري رهيو آهي. بي سي بي ٻه ڏينهن اڳ آءِ سي سي کي هڪ تفصيلي خط لکيو هو ته هندستان ۾ ميچ نه کيڏڻ جا سبب ڪهڙا آهن. خط ۾ سڀ ثبوت به تفصيل سان پيش ڪيا ويا هئا ته هندستان ۾ کيڏڻ ممڪن ناهي. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر امين الاسلام جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي اڃا تائين جواب نه ڏنو آهي، ۽ سڀئي ثبوت ۽ ضروري دستاويز آءِ سي سي سان شيئر ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اسان آءِ سي سي کي پنهنجن سڀني خدشن کان آگاهه ڪيو آهي، اسان جي موقف ۾ ڪا به تبديلي ناهي، اسان کي حڪومت جي هدايتن تي عمل ڪرڻو پوندو. امين الاسلام وڌيڪ چيو ته مان ان تي تبصرو نٿو ڪري سگهان ته جيڪڏهن اسان جا ميچ سريلنڪا منتقل نه ڪيا ويا ته اسان ڇا ڪنداسين، جڏهن آءِ سي سي جواب ڏيندي ته اسان ان حوالي سان فيصلو ڪنداسين. لڳي ٿو ته اسان کي سومر يا اڱاري تائين آءِ سي سي کان ان حوالي سان جواب ملندو. بي سي بي جي صدر چيو ته بنگلاديش ٽيم ٽي 20 ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي ۽ ٽيم انهن حالتن ۾ سٺي راند کيڏندي. بي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آءِ سي سي وينيو تبديل نه ڪيو ته بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ فيصلو قبول نه ڪندو. پر بي سي بي کي يقين آهي ته آءِ سي سي بنگلاديش ٽيم جي وينيو تبديل ڪندي.