ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2028: آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي 14 شهرن ميزباني جي آڇ ڪري ڇڏي

ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2028: آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي 14 شهرن ميزباني جي آڇ ڪري ڇڏي

ڪراچي( اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2028 جي ميزباني لاءِ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي 14 شهرن ميچن جي ميزباني ڪرڻ لاءِ باضابطه آڇون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.آسٽريلوي ميڊيا موجب ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2028 جي گڏيل ميزباني آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ڪندا، جڏهن ته ٽورنامينٽ آڪٽوبر ۽ نومبر 2028 دوران شيڊيول ٿيل آهي.رپورٽن موجب ٽورنامينٽ جي منتظمن ميزبان شهرن کان درخواستون گهريون هيون، جن جي جواب ۾ ٻنهي ملڪن جي 14 شهرن ميزباني جي خواهش ظاهر ڪئي. بهرحال، منتظم صرف 8 کان 10 شهرن جو ئي چونڊ ڪندا، جنهن سبب باقي شهرن کي ميزباني جو موقعو نه ملي سگهندو.آسٽريلوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته شهرن جي چونڊ آءِ سي سي جي هدايتن موجب ڪئي ويندي. آءِ سي سي لاجسٽڪ ۽ سفري سهولتن ۾ توازن برقرار رکڻ چاهي ٿي، تنهن ڪري ميچن کي محدود شهرن ۾ رکڻ کي ترجيح ڏني پئي وڃي، جيئن ٻنهي ميزبان ملڪن ۾ آپريشنز ۽ شيڊيولنگ وڌيڪ آسان بڻجي سگهي.رپورٽن موجب گهٽ شهرن ۾ ميچون ڪرائڻ سان ٽيمن، آفيسرن ۽ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي به گهٽ سفر ڪرڻو پوندو. ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2028 جي فائنل جي ميزباني ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ  کي ملڻ جو امڪان آهي.