| ٽٽل روڊ، هر طرف گندگي، ناليون اُٿلي پيون، کورواهه شهر مسئلن جي ور چڙهي ويو |
کورواھه(ن پ ا) بدين ضلعي جو شهر کورواھ بنيادي مسئلن جي ور چڙهي ويو، اڪثر روڊ ٽٽي پٿرن جو ڍير بڻجي ويا، شهر جو واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج سسٽم مڪمل ناڪارا بڻيل آهي جڏهن ته گهٽيون ٽٽل ۽ صفائي جو عمل به زيرو هجڻ ڪري هر هنڌ ڪچري جا ڍير لڳل هجڻ ڪري گندگي پکيڙجي وئي جنهن سبب شهري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻجي ويا، شهرين پرويز مير، ابراهيم سنڌي، اشوڪ مهيشوري ۽ ٻين پهنجي اخبار اڳيان دانهيندي چيو ته کورواھ کان چوڪ ويندڙ مين روڊ ۽ کورواھ کان بلڙي شاھ ڪريم ويندڙ مين روڊ ٽٽي پٿرن جو ڍير بڻجي ويو شهر کي معاشي ڌڪ رسيو آهي هنن چيو ته شهر جو ڊرينيج سسٽم ڪيترن ئي سالن کان تباھ حال بڻيل آهي جنهن سبب شهر ۾ گندو پاڻي تلاءَ جي صورت ۾ جمع ٿي ويو ڪني پاڻي جا کڏا ڀريل هجڻ ڪري ڪيترائي ماڻهون بيمارين ۾ وٺجي ويا، شهر جو واٽرسپلاءِ پڻ ناڪاره ٿي ويو آهي لائنون ٽٽي ويون آهن جنهن ڪري شهري جر جو کارو پاڻي پئيڻ تي مجبور آهن هنن وڌيڪ چيو ته شهر جو مين باء پاس روڊ کنڊر بڻيل آهي هي روڊ گذريل سال منظور ٿيو هو جنهن تي ٺيڪيدار پٿر وڇائي غائب ٿي ويو آهي جنهن تي هاڻي هلي به نٿو سگهجي هنن چيو ته حڪمران دور حڪومت ۾ شهر جي هڪ گهٽي به ٺهرائي ناهن سگهيا. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته کورواھ شهر کي گهربل سهولتون ڏئي پريشانين کان بچايو وڃي