| ٽڪ ٽاڪر ثناءُ يوسف قتل ڪيس: طارق خان اسٽيٽ ڪائونسل مقرر |
اسلام آبا (بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس ۾ ٽڪ ٽاڪر ثناءَ يوسف قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي. عدالت وڪيل صفائي جي غير موجودگي سبب اسٽيٽ ڪائونسل مقرر ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هاڻي جوابدار جي پيروي اسٽيٽ ڪائونسل ڪندي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سرڪاري وڪيل راجا نويد حسين ڪياني عدالت ۾ پيش ٿي موقف اختيار ڪيو ته وڪيل صفائي ڄاڻي واڻي ڪيس ۾ دير ڪرائڻ چاهي ٿو ۽ هن ڪيس ۾ اڳ ڪنهن به شاهد تي جرح نه ڪئي وئي هئي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ گذريل تاريخ تي جرح ڪئي وئي. اسٽيٽ ڪائونسل طارق خان هڪ شاهد تي جرح مڪمل ڪري ورتي، جڏهن ته ثناءَ يوسف جي والد جو بيان به قلمبند ڪيو ويو.