ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پراسرار نموني فوت ٿي ويل ٽڪ ٽاڪر عائشه جي موت جي جاچ لاءِ 4 رلني ڪميٽي قائم ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو ٽاسڪ سندن حوالي ڪيو ويو آهي
ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ ڊانس پارٽي دوران ٽڪ ٽاڪر عائشه پراسرار نموني فوت ٿي جڏهن ته اڻ ڄاتل ماڻهو سندس لاش جناح اسپتال ۾ ڇڏي ويا هئا بعد ۾ اطلاع مليا ته ٽڪ ٽاڪر پارٽي ۾ اوور ڊوز سبب فوت ٿي هئي
ٽڪ ٽاڪر جي پراسرار موت جو معاملو حل نه ٿيڻ بعد ڊي آئي جي ڏکڻ عرفان بلوچ ڪيس جي جاچ لاءِ 4 رڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي
ڪاميٽي ايس پي جاچ ڏکڻ ابريز عباسي نگراني ۾ ڪم ڪندي،ڪاميٽي ۾ ايس پي ڪلفٽن احمد چوڌري، ايس ايخ او فريئر، ايس ايچ او ڊفينس ۽ ايس آئي او ڊفينس ميمبر طور شامل هوندا
واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو ٽاسڪ ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو آهي، ڪاميٽي روزاني بنيادن تي ڊي آئي جي ڏکڻ عرفان بلوچ کي رپورٽ پيش ڪندي