ٽڪ ٽاڪر عائشه قتل ڪيس جو جوابدار جبران جيل حوالي: سمير لنڊن فرار

جُون 28, 2023

ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) ٽڪ ٽاڪر عائشه جي قتل ۾ ملوث جوابدار عدالت ۾ پيش، عدالت جوابدار جبران کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي 30 جون تي ٻيھر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾  ٽڪ ٽاڪر عائشه جو لاش جناح اسپتال ۾ ڇڏي ويندڙ جوابدار جبران کي پوليس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو

 ان موقعي تي پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار جو سي آر او ۽ جاچ ڪرڻي آھي رمانڊ ڏنو وڃي، جڏھن ته پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آھي

جوابدار عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته ھن تي ڪو به تشدد نه ڪيو ويو آھي، بس زمين تي ڪريل عورت جي جان بچائڻ منهنجو ڏوهه بڻجي ويو آھي، جنھن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ايمبولينس يا ون فائيو ڇو نه گهرائي؟

جوابدار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار جي شرافت ڳچي ۾ پئجي وئي آھي، جوابدار اڻ پڙهيل هئڻ سبب پوليس يا ايمبولينس سروس سان رابطو نه ڪري سگهيو

 عدالت جوابدار جبران کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي 30 جون تي ٻيهر  پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏھن ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي

ان کان اڳ عائشه جي والد سلطان جي فرياد ڊفينس ٿاڻي تي جبران سليم عرف جيري، پنڪي ۽ علي خلاف قتل باالسبب جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ سمير نالي شخص جو ذڪر به ڪيو ويو آهي، جيڪو  واقعي واري ڏينهن لنڊن فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو

فريادي ڄاڻايو ته آئون اوڪاڙه ۾ هئس. مون کي اطلاع مليو ته جبران عرف جيري، علي ۽ پنڪي عائشه کي ڊفينس فيز ٽو جي سن سيٽ بليورڊ ۾ ڊانس پارٽي ۾ وٺي ويا هئا، جتي سمير پڻ موجود هو،  منهنجي ڌيءِ عائشه اوور ڊوز نشو ڪرڻ سبب فوت ٿي وئي

Leave A Comment