ٽڪ ٽاڪر عائشه کوسو مان اڳوڻي مڙس کي خطرو، تحفظ جي گهر

جُون 9, 2023

نيوسعيدآباد (ن پ و) نيو سعيد آباد ۾ نوجوان اڳوڻي زال ۽ ٽڪ ٽاڪر جي ظلمن کان تنگ ٿي پريس ڪلب پهچي اختيارين کان انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

نوجوان وقار ملاح پنھنجي پيءُ سان گڏجي پنھنجي اڳوڻي زال عائشا کوسو خلاف احتجاج ڪيو

 سندس چوڻ هو ته ھڪ سال اڳ عائشا کوسو سان سندس فريب ۾ اچي شادي ڪئي پر هن جي غلط ماڻھن سان واسطن ۽ ڏوھاري سرگرمين کان تنگ ٿي ھڪ مھينو اڳ کيس طلاق ڏني

هي به پڙهندا

نوجوان چيو ته طلاق ڏيڻ بعد عائشه روڪ رقم ۽ سون گھر مان چوري ڪري کڻي وئي ۽ مختلف ڏوھاري ماڻھن سان گڏجي  مون کي اغوا ڪرڻ ۽ خاندان کي قتل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي

نوجوان وقار چيو ته تحفظ لاءِ عدالت ۾ به درخواست داخل ڪرائي آهي ٻين وس وارن کي به اپيل آهي ته مون کي تحفظ فراهم ڪري عائشه خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

Leave A Comment