نيوسعيدآباد (ن پ ا) مشھور ٽڪ ٽاڪر عائشا کوسو جي فرياد تي نيوسعيدآباد ٿاڻي تي سندس اڳوڻي مڙس وقار ملاح سندس دوست فرحان ملاح ۽ ھڪ نامعلوم خلاف اغوا، لڄالٽ، مارڪٽ جو ڪيس داخل ڪيو ويو.
فريادڻ موقف اختيار ڪيو ته ڀاءُ ۽ ماسات سان گڏ دوا وٺي واپس وڃي رهي هيس ته وقار ملاح، فرحان ملاح ۽ ھڪ نامعلوم ڪار ۾ اغوا ڪري اوطاق ۾ وار ڪتري ڏنڀ ڏئي لڄالٽ جو نشانو بڻايو،
واضع رھي ته ٻه ڏينھن اڳ عائشا کوسو تي سندس اڳوڻي مڙس وقار ملاح پريس ڪانفرنس ڪندي مٿس الزام ھنيا ھئا ته طلاق ڏيڻ کانپوءِ عائشا کوسوگھر مان سمورو سون ۽ روڪ رقم چوري ڪري وئي آهي.