ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪ هلايو ٿا باقي ايپ هلائڻ نٿي اچي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ آن لائن سسٽم تي حاضري نه لڳائيندڙ استادن جون پگهارون روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي
عدالت استادن کي آن لائن حاضري واري ايپ تي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي ۾ تعليمي سڌارن بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، سيڪريٽري تعليم ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا
سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري عدالت کي ٻڌايو ته 77 سيڪڙو استاد حاضري لڳائي رهيا آهن اڪثر استادن وٽ اينڊروايئڊ موبائل فون ناهي جنهن ڪري اهي ڪا به ايپ استعمال نٿا ڪري سگهن استادن پاران اهو بهانو بڻايو پيو وڃي
عدالت رمارڪس ڏنا ته ايپ هلائڻ نٿي اچي، سگنل نٿا اچن، موبائل فون ناهي، اهي سڀ بهانا آهن، جيڪڏهن ڪو سعودي عرب کان رشتيدار وائيس ميسيج ڪري ٿو ته اهو ٻڌن ٿا، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائن ٿا
عدالت اهي به رمارڪس ڏنا ته ڊيوٽي دوران به استاد ٽڪ ٽاڪ ۽ ٻيون ايپليڪشنز استعمال ڪن ٿا پر انهن کي حاضري لڳائڻ جو پتو ناهي