Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_ht7soigtd45i2vtevtt3oiq8rb, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ٽڪ ٽاڪ ڇو بند ٿيو؟ فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر کي به خطرو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ٽڪ ٽاڪ ڇو بند ٿيو؟ فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر کي به خطرو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

ٽڪ ٽاڪ ڇو بند ٿيو؟ فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر کي به خطرو

ٽاڪ ٽاڪ بند ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ان بابت بحث اڃا هلي رهيو آهي ۽ ٽڪ ٽاڪ تان پابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي جڏهن ته فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر کي پڻ بند ٿيڻ جو خطرو ڄاڻايو پيو وڃي جنهن جو ڪارڻ ڄاڻايو پيو وڃي ته ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪندڙ ماڻهن فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر جو رخ ڪيو آهي. ان حوالي سان نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٽڪ ٽاڪ تي بندش بعد فيس بڪ استعمال ڪندڙن جا خدشا آهن ته ٽڪ ٽاڪ تي بندش بعد هڪ طرف نوجوانن ۾ تڏا وڃائجي ويا آهن ته ٻئي پاسي ساڳي ٽريفڪ فيس بوڪ جو رخ ڪيو آهي، جنهنڪري اسانجي هڪ دوست دانهن ڪئي ته اهي سڀ هتي اچي ٽڪ ٽاڪ واري حرڪت نه ڪن ۽ فيس بڪ به بند نه ڪرائي وڃن. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي پيار علي لکيو ته ٽڪ ٽاڪ تي پابندي بعد فيس بوڪ تي رونق لڳي پئي آهي، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون وري فيس بوڪ تي موٽي آيا آهن، علي زاهد لکيو ته هر ڪو وي پي اين استعمال ڪري ٽڪ ٽاڪ هلائي رهيو آهي، احمد سومرو لکيو ته جهڙا حال لڳن ٿا ته اهي فيس بوڪ تي به پابندي لڳرائيندا. آصف کوسو لکيو ته ٽڪ ٽاڪ چين وارن جي ايپ آهي جلد پابندي ختم ٿي ويندي. جنيد انصاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٽڪ ٽاڪ آمريڪا ۽ چين جي ڪاروباري جهيڙي جي ڪري بند ٿيو آھي، چين آمريڪي ڪمپنين فيس بڪ ۽ يوٽيوب کي پنهنجي ملڪ ۾ گهڙڻ نه ڏنو، چين هڪ ارب 40 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي واري مارڪيٽ کي آمريڪي ڪمپنين لاءِ بند ڪري رکيو ۽ پنهنجي ملڪ جي اندر سوشل ميڊيا ايپليڪيشنز مقامي سطح تي ٺاهيا، جڏهن ته پاڻ ٽڪ ٽاڪ وسيلي گلوبل مارڪيٽ ۾ گهڙي آمريڪي ڪمپنين لاءِ وڏو چيلينج بڻجي ويو، فيس بوڪ جي مالڪ ويجهي ماضي ۾ چين جي پاليسين خلاف بيان به ڏنو هو، ٽڪ ٽاڪ، فيس بوڪ ۽ يوٽيوب لاءِ سموري دنيا ۾ چيلينج بڻجي رهيو آھي، ان لاءِ آمريڪا مختلف ملڪن تي دٻاءُ وجهي ٽڪ ٽاڪ بند ڪرايو، انڊيا ۽ پاڪستان جي گڏيل آبادي هڪ ارب 57 ڪروڙ آھي، ان لاءِ اهو چين لاءِ وڏو ڪاروباري ڌڪ ثابت ٿي سگهي ٿو، سليم صافي ٽوئيٽ ڪيو ته ٽڪ ٽاڪ تي پابندي کان بهتر آهي ته وزيراعظم پنهنجي ٻولي درست ڪري طلال چوڌري جهڙن معاملن تي نه ڳالهائي ۽ بدتميزي ڪندڙ ترجمانن جي زبان تي ڪنٽرول ڪري، ٽڪ ٽاڪ کان وڌيڪ اهي ماڻهو ڪلچر کي تباهه ڪري رهيا آهن، ٽڪ ٽاڪ مخصوص طبقو استعمال ڪندو آهي پر هنن کي پوري قوم کي ڀوڳڻو پوندو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *