پئسا وٺي بدليون ۽ مقرريون، بشري بي بي، فرح گوگي، بزدار ۽ ٻيا گرفتار ٿيندا

جُون 7, 2023

لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) پنجاب ۾ ڪروڙين رپيا مبينا طور رشوت عيوض آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪرڻ واري معاملي جو 8 اهم شخصيتن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ٿاڻي اينٽي ڪرپشن هيڊڪوارٽر ۾ داخل ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعليٰ پنجاب عثمان بزدار، بشريٰ بي بي، سندس دوست فرحت شهزاد (فرح گوگي) بشريٰ جو پٽ ابراهيم مانيڪا، اڳوڻو بيورو ڪريٽ طاهر خورشيد، صالحه سعيد، خواجه سهيل، احمد عزيز تارڙ، عثمان معظم جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن

هي به پڙهندا

ذريعن موجب بدلين ۽ مقررين لاءِ جيڪي پئسا وصول ڪيا ويندا هئا اهي فرح گوگي کي پهچايا ويندا هئا اتي مئنيجر منصور احمد ۽ پرسنل سيڪريٽري آصف کي اهي پئسا ڏنا ويندا هئا ۽ بدلي ۽ مقرري ٿيڻ بعد بشريٰ جو پٽ ابراهيم مانيڪا پنهنجو ڪروڙين رپين جو حصو وٺندو هو

ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن پاران رشوت عيوض بدلين ۽ مقرريون جو ڪيس داخل ڪري گرفتارين لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن،  جلد اهم شخصين جي گرفتاري ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته جن رشوت عيوض بدليون ۽ مقرريون ڪرايون آهن انهن آفيسرن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي

Leave A Comment