پئسا ٻيڻا ڪري ڏئي: جيڪب آباد ۾ نوجوان کي وياجيءَ گولي هڻي ڇڏي

جُون 11, 2023

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ويجهو وياجيءَ پئسا ٻيڻا نه ڪري ڏيڻ تي نوجوان کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو

.دلمراد ٿاڻي جي حد ۾ڳوٺ اعجاز کوسو واسي نوجوان احمد علي لاشاري کي وياج خور گولي هڻي زخمي ڪيو، زخمي نوجوان کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو

زخمي نوجوان احمد علي لاشاري الزام هڻندي چيو ته ثناءُ الله جکراڻي سان ڪاروبار ڪندو هئس ڪاروبار لاءِ 8 لک ورتا آهن، هاڻي جوابدار مبينا وياج سميت 13 لک رپيا .گهري رهيو آهي

زخمي نوجوان چيو ته وياج جا پئسا نه ڏيڻ تي جوابدار پنهنجي ساٿين سان مون تي حملو ڪري تشدد ڪيو ۽ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، وياجيءَ کي گرفتار ڪري .مون سان انصاف ڪيو وڃي

Leave A Comment